صفا مزو ڇڏائجي ويو آهي، ڪائيلي جينر انسٽاگرام انتظاميا کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

جيڪڏهن توهان روزاني انسٽاگرام استعمال ڪندا آهيو ته ويجهڙائي وارن ڏينهن ۾ اهو محسوس ڪيو هوندو ته ريلز ويڊيوز فيڊ تي تمام گهڻو نظر اچي رهيا آهن جڏهن توهان جي پوسٽن تي انگيج منٽ گهٽجي وئي آهي.

اهڙي نموني جيڪڏهن اهو احساس پڻ ٿيو آهي ته هي پليٽ فارم هاڻ ڪجهه وڌيڪ ئي ٽڪ ٽاڪ جهڙو نظر اچي رهيو آهي ته توهان اڪيلا ناهيو، انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ عورت پڻ اهو محسوس ڪري رهي آهي.

آمريڪي سوشل ميڊيا اسٽار، بزنس وومين ۽ ماڊل ڪائيلي جينر انسٽاگرام اسٽوريز ۾ هڪ واهپيدار جي پوسٽ شيئر ڪندي انسٽاگرام کي ٻيهر پهرين جهڙي ايپ بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هن پوسٽ ۾ هن لکيو ته انسٽاگرام کي وري انسٽاگرام بڻايو وڃي، ٽڪ ٽاڪ جهڙو  بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، اسان پنهنجن دوستن جو سٺيون تصويرون ڏسڻ گهرون ٿا.

ڪائيلي جينر جي ڀيڻ ڪم ڪارڊيشين پڻ اها پوسٽ شيئر ڪئي جن کي لکين ماڻهن لائيڪ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.