ڌارين خلاف سکر کان تحريڪ جي شروعات ڪئي آهي: صنعان

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد تان مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ سکر کان جدوجهد جي شروعات ڪري ڇڏي آهي،27 تاريخ تي وري نوابشاھ ۾ گڏ ٿي هڪ دفعو وري اها گُھر ڪنداسين ته افغان پناهگيرن سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته افغان پناهگيرن سميت غير قانوني ڌارين جي نيڪالي جو مسئلو سياسي آهي، جنهن جو حل به سياسي آهي، تنهن ڪري سنڌي قوم خاص طور تي نوجوان کي چوندس ته جذباتي ٿيڻ بدران سياسي پارٽين کي اهميت ڏئي انهن جي سياسي جدوجهد جو حصو ٿيڻ گهرجي، مرڪزي پڌرائي ديدار شام ڄاڻايو آهي ته 27 جولائي تي نوابشاھ ۾ تاريخي احتجاج ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ نوابشاھ جي جسقم اڳواڻن آصف رضا مگسي، شعبان ماٽي ۽ ٻين ٻڌايو آهي ته افغان پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ احتجاجي ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پڌرائي ۾ چيو آهي ته نوابشاھ احتجاج ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،امجد خان مهيسر ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو ،اشرف ڪلھوڙو ۽ بيا خطاب ڪندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.