والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين جو آپريشن

سرينگر(م ڊ)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين اڄ ضلعي ڪولگام جي علائقي رامپوره ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب فوجين علائقي جي سمورن داخلي ۽ خارجي رستن کي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهر گهر تلاشي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. قابض عملدارن علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي. آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ فوجي آپريشن جاري هو.

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 532 نوان ڪيس، 3 ماڻهو فوت

اسلام آباد(م ڊ) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 19هزار 402 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. آچر ڏينهن اين آءِ ايڇ پاران ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 هزار 402 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا وياجنهن مان 532 ماڻهن جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي جنهن جي شرح 2.74 سيڪڙو رهي آهي، ان دوران ڪورونا وائرس سبب 3 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 179 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

اسرائيلي فوجين جي فائرنگ سبب 2 فسلطيني نوجوان شهيد، 6 زخمي

والاريل بيت المقدس(م ڊ) اسرائيل جي فوجين والاريل اولهندي ڪناري جي شهر نابلس ۾ هڪ ڪارروائي دوران انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري 2 فلسطيني نوجوانن کي شهيد ۽ 6 کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.عرب نشرياتي اداري موجب فلسطيني صحت واري وزارت ميڊيا کي ٻڌايو ته اسرائيلي فوج جي ڇاپي دوران محمد عزيزي سيني ۾ گولي لڳڻ سبب جڏهن ته 28 سالا عبدالرحمان جمال سليمان مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا جڏهن ته 6 ٻيا زخمي ٿيا جنهن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اسرائيلي فوج فلسطينين جي شهادت جي رپورٽ تي فوري طور تي ڪو تبصرو ڪرڻ کانسواءِ چيو ته هو والاريل اولهندي ڪناري جي نابلس ۾ آپريشن ڪري رهي آهي، واضح رهي ته مارچ جي آخر کان هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 52 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ الجزيره جي صحافي شيرين ابواڪليح به شامل آهي

ڪراچي: مختلف علائقن ۾ فائرنگ سبب 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نامعلوم هنڌن تان آيل گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا خبر موجب رضويه ٿاڻي جي حد ۾ واقع ناظم آباد ۾ عيد گاه گرائونڊ جي ڀرسان نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ سبب 29 ورهين جو مظهر عباس پٽ بشير عباس زخمي ٿي پيو جنهن کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي اهڙي ريت نيو ڪراچي ۽ چاڪيواڙه ٿاڻن جي حدن ۾ به نامعلوم هنڌن تان آيل گوليون لڳڻ سبب ارشد ۽ شاهزيب زخمي ٿي پيا جن کي عباسي شهيد ۽ سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

افغان بستي ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان زخمي

ڪراچي(رپورٽر) سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد ۾ واقع نادرن باءِ پاس تي افغان بستي جي ڀرسان نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 35 ورهين جي ارسلان پٽ سليم کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا زخميءَ کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ناظم آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع مجاهد ڪالوني ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب 28 ورهين جو وقار شاه پٽ نثار شاه زخمي ٿي پو جنهن کي پڻ عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

سعودي عرب: هڪ هفتي دوران 10 هزار 937 غيرقانوني پناهگير گرفتار

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي اختيارين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي هڪ هفتي جي دوران 10 هزار 937 غيرقانوني پناهگيرن کي گرفتار ڪري ورتو. انهن خلاف جاچ ڪارروائي 14 کان 20 جولاءِ تائين ڪئي وئي.عرب سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق غيرقانوني پناهگيرن بابت ڪيترن سرڪاري کاتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته گرفتار ٿيل مان 6564 ماڻهو اقامه قامون جي خلاف ورزي، 2852 گرفتار ٿيل سرحدي قانون جڏهن ته 1521 ليبر قانون جي خلاف ورزي ۾ ملوث هئا. گڏيل ڪميٽي چيو آهي ته ڄاڻايل عرصي جي دوران 350 اهڙا ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو جيڪي غيرقانوني طور تي سرحد پار ڪري ملڪ ۾ داخل ٿيا هئا. انهن ۾ 30 سيڪڙو يمني. 60 سيڪڙو ايٿوپي جڏهن ته 10 سيڪڙو ٻين ملڪن جي غيرقانوني پناهگير شامل آهن.

4 لک حاجي سڳورن جي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپسي

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي حج ۽ عمره وزارت چيو آهي ته هاڻي تائين 4 لک کان وڌيڪ حاجي سڳورا پنهنجي ملڪن ڏانهن روانو ٿي چڪا آهن، حاجين جي واپسي جو عمل فضائي، سامونڊي ۽ بري رستي سان جاري آهي.عرب سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق حج ۽ عمره وزارت طرفان جاري ڪيل تازي انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته جده جي شاهه عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ مدينه منوره جي شهزاده محمد بن عبدالعزيز ايئرپورٽ سان هاڻي تائين 3 لک 65 هزار 457 حاجي پنهنجي ملڪن ڏانهن روزانو ٿي چڪا آهن. زميني رستي سان ويل حاجين ۾ 31 هزار 629 بسن جي ذريعي جڏهن ته 5 هزار 701 حاجي سامونڊي رستي جي ذريعي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻن ڏينهن وارو هيلٿ ڊائيلاگ اڄ شروع ٿيندو

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻن ڏينهن وارو هيلٿ ڊائيلاگ اڄ 25 جولاءِ کان شروع ٿيندو. صحت واري وفاقي وزير عبدالقادير پٽيل جي سربراهي ۾ چار رڪني وفد هيلٿ ڊائيلاگ ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن ڊي سي پهچي ويو. ترجمان موجب صحت واري وزارت آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ۽ پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار 25 جولاءِ تي وفد ۾ شريڪ ٿيندا، هن چيو ته ان موقعي تي ڌريون صحت جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي جامع ايجنڊا تي ڳالهيون ڪنديون.ڳالهين جي مختلف سيشنز ۾ صحت واري وزارت جا عملدار ۽ ماهر پاڪستان کان ورچوئلي به شرڪت ڪندا. صحت واري وفاقي وزير ان حوالي سان چيو ته صحت جي باري ۾ ڳالهيون پاڪستان ۽ آمريڪا جي ويجهي تعاون جي مثال ۽ اهم ترين سنگ ميل آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه شاندار نموني سان ملهائڻ جي به هڪ ڪڙي آهي، ان لاءِ ان اهم ڳالهين ۾ ٺوس اڳڀرائي جو امڪان آهي، عبدالقادر پٽيل وڌيڪ چيو ته هيلٿ ڊائيلاگ ۾ صحت جي 7 وڏن اهم ترين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، هن چيو ته آمريڪي اداري سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول ۽ اين آءِ ايڇ جي وچ ۾ تعاون تي ڳالهه ٿيندي، ڳالهين ۾ ڪورونا وبا تي ڪنٽرول جو معاملو به بحث هيٺ ايندو. عبدالقادر پٽيل وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ ڪنهن وبا جي مقابلي ۾ تعاون تي به ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته ڳالهين ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت ۽ غذا بابت به ڳالهيون ٿينديون.

ڄام اڪرام الله ڌاريجو پاران برسات دوران سينٽرل ضلعي جو دورو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صنعت و تجارت ۽ امداد باهمي کاتي واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو برسات جي دوران سينٽرل ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، دوري جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ڄام شبير علي، ڊپٽي ڪمشنر طحه سليم ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ناگن چورنگي ۽ اتان جي علائقن جو دورو ڪيو. ڄام اڪرام الله ڌاريجو پاڻي جي نيڪال جي ڪمن جي نگراني ڪئي. صوبائي وزير برسات سبب جمع ٿيل پاڻي جي فوري نيڪال جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته شديد برسات باوجود پاڻي جو روڊن تي جمع نه ٿيڻ سنڌ حڪومت جي محنت جو نتيجو آهي. برسات جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا جا ميمبر عوام جي مدد لاءِ روڊن تي موجود آهن، هر مشڪل وقت ۾ عوام سان گڏ آهيون. ان موقعي تي علائقي واسين صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي آمد ۽ بحالي جي ڪمن جي نگراني جي عمل کي ساراهيو

صدر جوبائيڊن جو ڪورونا کان جلد صحتيابي جو خواهشمند آهيان: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئون صدر بائيڊن جي ڪورونا کان جلد صحتيابي جو خواهشمند آهيان. آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم آمريڪي صدر جي ڪورونا وائرس کان جلد صحتيابي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا 20 هزار 279 نوان ڪيس رپورٽ

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 20 هزار 279 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو مجموعي انگ وڌي 43888755 کان ٽپي ويو آهي. چيني خابرو اداري ڀارتي صحت واري وزارت جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 36 فوتگيون ٿيون، جنهن کانپوءِ فوتگين جو انگ 5 لک 26 هزار 33 تائين پهچي ويا ۽ ڪورونا وائرس جي روزاني مثبت شرح 5.29 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن مثبت ڪيسن جي شرح 4.46 سيڪڙو هئي، هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جي وبائي بيماري سبب 43210522 ماڻهو اسپتالن مان فارغ ڪيا ويا آهن. ا

ڀارت: ٽيڪسي ڊرائيور جي قتل کانپوءِ بي جي پي اڳواڻ گرفتار

لکنو (م ڊ)ڀارتي رياست اتر پرديش جي علائقي للهيم پور کيري ۾ هڪ مسلمان ڪيب ڊرائيور  عقيل احمد کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ ڀارتيه جنتا پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ ٽن ساٿين کي گرفتار ته ڪيو ويو پر پوليس انهن جي خلاف قتل بدران غفلت ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي،. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 28 سالا عقيل احمد جي رشتيدارن ۽ پاڙيسرين ڌرڻو هنيو ۽ پوليس تي قاتلن جي خلاف گهٽ سزا وارا قلم لڳائڻ جو الزام لڳايو جنهن تحت وڌ کان وڌ ٻه سال قيد ٿيندي،هن پوليس پاران موت جو سبب جهڳڙو قرار ڏيڻ تي به سوال اٿاريو آهي،بي جي پي اڳواڻ انوپ شڪلا ڪوديورشي شڪلا، برجيش شڪلا ۽ رجت رستوگي سان گڏ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ٻڌايو ته عقيل جي دسوت چنن ۽ سهيل بابا خان حملي آوارن جي ٽيڪسي ڊرائيور تي حملي کانپوءِ موقعي تان فرار ٿي ويا هئا، عقيل انهي شام اسپتال ۾ دم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.