پنجاب جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪيئن چئلينج ٿي سگهي ٿي: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار احمد کھڙو چيو آھي ته  پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ مسلم ليگ ق جي 10 ووٽن کي رد ڪرڻ واري پنجاب جي ڊپٽي اسپڪر جي رولنگ کي جيڪڏھن رد ڪيو ٿو وڃي ته  پوءِ سينيٽ ۾ به يوسف رضا گيلانيءَ جي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ 7 ووٽن کي رد ڪرڻ واري مظفر شاھ جي رولنگ کي پڻ رد ڪيو وڃي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن آچر ڏينھن پي ٽي آءِ جي اطلاعات واري مرڪزي شعبي سان لاڳاپيل پي ٽي آءِ جي اڳواڻ انتظار ابڙو جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جي موقعي تي ڳالھائيندي ڪيو. نثار کھڙو چيو ته  سينيٽ ۾ مظفر شاھ جي 7 ووٽن کي رد ڪرڻ واري رولنگ حتمي سمجھي پئي وڃي ته  پوءِ پنجاب جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ پڻ حتمي ھجڻ گھرجي. ھن چيو ته  بطور پي ٽي آءِ پارٽي سربراھ عمران خان جي ھدايت آئيني ۽ بطور ق ليگ پارٽي سربرا چوڌري شجاعت جي پنھنجن ميمبرن لاءِ پارٽي گائيڊ لائين ڪيئن غير آئيني ٿي سگھي ٿي. ھن چيو ته  عمران خان جي ھدايت تي پي ٽي آءِ جي 25 ميمبرن جو ووٽ ڳڻي نه ٿو سگھجي ۽ ھو ڊي سيٽ ٿي سگھن ٿا ته  پوءِ ق ليگ سربراھ چوڌري شجاعت جي پارٽي پاليسي ھدايت تي سندن 10 ميمبرن جو ووٽ به ڳڻي نه ٿو سگھجي. ھن چيو تھ اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته  عمران خان جي بطور پارٽي سربراھ خط ذريعي پنجاب ۾سندن ميمبرن لاءِ ھدايت آئيني ۽ چوڌري شجاعت جي بطور پارٽي سربراھ پنھنجي ميمبرن لاءِ خط ذريعي پارٽي گائيڊ لائين غير آئيني تصور ٿئي.؟ ھن چيو ته  رولز تحت سينيٽ چيئرمين، قومي اسمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرز جي رولنگز کي چيلينج نه ٿو ڪري سگھجي ته  پوءِ پنجاب جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي ڪيئن ٿو چيلينج ڪري سگھجي؟. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي اطلاعات واري مرڪزي شعبي سان لاڳاپيل اڳواڻ انتظار ابڙو پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کھڙو سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته  ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار پي ٽي آءِ کي ھر موڙ تي ناڪامي ٿيندي. نثار کھڙو کيس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته  عمران خان کي سندس اتحادين کان پوءِ ھاڻي پارٽيءَ جا اڳواڻ به ڇڏي رھيا آھن

ڪراچي ۾ برساتي صورتحال، پوليس آفيسرن کي فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جي هدايتن تي ڪراچي پوليس لاءِ اهم هدايتون. ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍهو سمورن فيلڊ ڪمانڊرز کي برساتن دوران پنهنجن علائقن ۾ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي پوليس آپريشنز ۽ ٽريفڪ ۾ مقرر آفيسرن ۽ اهلڪارن کي به هدايتون جاري ڪيون ويون ته هو پنهنجي مقرر ڪيل علائقن ۾ رهن. ٽريفڪ پوليس برساتن دوران ۽ بعد ۾ ٽريفڪ جي روانگي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. شهر ۾ مقرر سمورا ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز ۽ ٽريفڪ ايس اوز پنهنجي عملي سان گڏ روڊن تي موجود رهن اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي رين ايمرجنسي يونٽ کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته هو شهري ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن ۽ عوام جي مدد لاءِ هر وقت تيار رهن. گشت تي موجود پوليس گاڏين کي به حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي ضروري اوزارن، ٽيوب ۽ سامان/سامان سان ليس هجن جيڪي برسات ۾ ڦاٿل گاڏين کي ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿين. پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو شهري انتظاميا سان رابطي ۾ رهن ته جيئن عوام جي مدد کي يقيني بڻائي سگهجي. عوام کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو بجلي جي تارن، پولن، وڻن ۽ سائن بورڊن کان پري رهن.ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾، ماڻهن کي فوري طور تي پوليس هيلپ لائن 15 ۽ 1915 سان رابطو ڪرڻ گهرجي ٽرئفڪ جي ڄاڻ ۽ رهنمائي لاءِ. ڪراچي پوليس سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي عوام جي حفاظت ۽ خدمت کي يقيني بڻائي رهي آهي .

 

فوج ۽ عدليه کي سياست ۾ گهلڻ بند ڪريو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ادارن کي گاريون ڏيندڙ ادارن جا ٺيڪيدار نه بڻجن، عمران خان کي اقتدار ۾ واپس اچڻ لاءِ اسٽيبلشمنيٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين، هڪ بيان ۾ چيو ته ڪنهن کي به آئين ۽ قانون سان راند کيڏڻ نه ڏينداسين، عمران خان خان پاڻ اعتراف ڪيو ته هُن چئن سالن جي حڪومت هلائڻ لاءِ ادارن ۽ ايجنسين کان مدد ورتي، ڌمڪين ۽ هنگامن جي گارين سان انصاف کي قتل ڪرڻ نه ڏنو ويندو.مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ ۽ نواز شريف جو بيان آئين جو بيان آهي، فوج ۽ عدليه کي سياست ۾ گهيلڻ بند ڪيو وڃي، عمران خان جو نشانو ادارا آهن، انهن جي قيادت کي عهدن تان هٽائڻ آهي، عمران خان جو پرڏيهي سازش وارو بيان دفن ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هُن اسٽيبلشمينٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جو راڳ شروع ڪيو آهي.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فارن فنڊنگ ڪيس جوفيصلو ڏيڻ گهرجي، عمرا خان ڌمڪين، فساد ۽ غنڊا گردي ذريعي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اين آر او وٺڻ چاهي ٿو، پنجاب جي وڏي وزير واري چونڊ بابت فيصلو فل ڪورٽ کي ڪرڻ گهرجي، فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ بار جي نظرثاني واري درخواست، موجوده درخواست ۽ ٻين درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ڪري، اهم قومي، سياسي ۽ آئيني معاملن تي انصاف ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته فوج ۽ عدليه کي سياست ۾ گهلڻ بند ڪريو،100 گندا آنا ۽ 100 ڇتر هاڻي عمران صاحب جو مقدر آهن، ادارن کي گار ۽ ڌمڪي ڏيندڙ ادارن جو ٺيڪيدار نه بڻجي، اقتدار ۾ واپسي لاءِ کيس اسٽيبلشمينٽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.