اسلام ڪوٽ ڀرسان تلاءُ تان پاڻي ڀريندي ٻه نينگريون ٻڏي فوت

اسلام ڪوٽ (ت،ر) گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ ڀرسان انتهائي دردناڪ واقعو پيش آيو جتي ٻه ٻارڙيون پاڻي جي تلاء ۾ ڪري ٻڏي فوت  ٿي ويون،اسلام ڪوٽ جي  ڳوٺ ساڪريو ڀيل ۾  برساتي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاء ٺاهيل  تلاء تان  پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب ٻه ٻارڙيون 14 ورهين جي مرگهان ڌي ڪرشن  ڀيل ۽ 11 ورهين جي ٿانان ڌيء  کيتو  ڀيل تلاء   ۾ ڪري  ٻُڏي فوت ٿي ويون.چيو وڃي ٿو ته ڳوٺ ۾ جر جو کارو پاڻي هئڻ سبب  گهرن جي  ڀرسان ڪجھ سال اڳ هڪ سماجي اداري پاران  ڳوٺاڻن جي سهوليت خاطر برساتي پاڻي کي جمع ڪري رکڻ لاء هڪ وڏو تلاء ٺهرايو ويو هو تازو برساتن بعد اهو تلاء برساتي پاڻي سان ڀريل هو جتان ٻارڙيون گڏجي پيئڻ جو  پاڻي ڀرڻ ويون هيون جتي هڪ ٻارڙي ٿانان جو پاڻي ڀريندي پير ترڪي پيو ته هن  پاڻ کي بچائڻ خاطر  ڀرسان بيٺل پنهنجي سئوٽ مرگهان کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو به پاڻي ۾ ڪري پئي پاڻي اونو هئڻ سبب ٻئي ٻارڙيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون،جنهن تي گڏ آيل ٻارڙين رڙيون ڪيون ٻارڙين جي رڙين تي وڏي تعداد ۾  ڳوٺاڻا پهچي ويا جن ٻارڙين کي تلاء مان ٻاهر ڪڍيو ته هڪ ٻارڙي ٿانان ٿڏي تي فوت ٿي چڪي هئي جڏهن ته ٻي ٻارڙي کي اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو پئي ويو ته هو وچ رستي ۾ فوت ٿي ويئي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي هي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ بعد وارث ٻارڙي جو لاش گهر کڻائي ويا،هڪ ئي وقت ٻن سئوٽ  ٻارڙين جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي گهرن ۾ قهرام مچي ويو ۽ سموري ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو،چيو وڃي ٿو ٺاهيل پاڻي جي تلاء کي ديوار به ڏنل آهي.تلاء جي صفائي نه ٿيڻ ڪري  ڪنارن تي مٽي جمع ٿي چڪي آهي.پاڻي ڀرڻ لاء ڇڏيل جڳھ تي  مٽي هئڻ سبب ٻارڙي جو  پير ترڪي پيو جنهن سبب ٻن معصوم ٻارڙين جون جانيون ضايع ٿي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.