کپرو ۾ طلاق مليل عورت جو حق مهر لاءِ ٻارن سوڌو احتجاج

کپرو(ن ع آ) کپرو ويجهو  هٿونگو واسڻ طلاق يافته حوران چانهيون  7 ٻارن سميت حق مهر ۾ مليل گهر ۽ 2 مينهيون مڙس سهراب پاران ڦرڻ ۽ تشدد ڪرڻ خلاف شھيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو  ڪيو ان موقعي تي حوران چانهيون عوامي آواز اڳيان دانهيندي  چيو ته ڪجھ ڏينهن پهريان منهنجي  مڙس سهراب چانهيون  مون کي طلاق ڏيئي گهر مان بيدخل ڪري ڇڏيو هو مون ڪورٽ ۾ رجوع ڪيو ڪورٽ سڳوري منهنجو مئوقف ٻڌڻ بعد عدالت  7 ٻار مون کي ڏياريا  آهن ۽ حق مهر ۾ مليل هڪ گهر ۽ 2 مينهيون رات  ديرسان مڙس مون کان ڦر ڪري ۽ مون تي  تشدد ڪري مون کي  گهران بيدخل ڪري ڇڏيو آھي  منهنجو ۽ منهنجي ٻارن جو گذرسفر کير تي آهي کير  وڪرو ڪري گهر هلائيندي آهيان مينهيون  به مون کير وڪرو ڪري ورتيون آهن مون سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.