حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر چوڪ تي قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي تصوير آڏو گل رکي ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ڀيٽا ڏيڻ واري هن ميڙ ۾ وڏي انگ ۾ نوجوانن شرڪت ڪئي ۽ سنڌ مان افغاني پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ارشاد خاصخيلي. اسرار پنهور. شهباز رند. سجاد پنهور. علي مستوئي. فراز مستوئي. صدام چانڊيو ۽ ٻين چيو ته بلال ڪاڪا کي بيدردي سان قتل ڪندڙ ڌاريا پناهگير آهن ۽ هن قتل مان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ڌاريا سنڌ جي ماڻهن جا جاني دشمن بڻجي پيا آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ موجود لکين افغاني پناهگير سنڌ جي امن ۽ ڌرتي ڌڻين جي حق حاڪميت جي لاءِ خطرو آهن. انهن پناهگيرن کي هاڻ وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي. ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ جي معيشيت. روزگار ۽ خوراڪ تي بار بڻيل آهن تن کي هاڻ سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. هنن چيو ته افغاني پناهگيرن جي موجودگي سنڌ جو قومي مسئلو آهي. ان ڪري سنڌ جي هن اهم قومي مسئلي تي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. غير قانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن هتان جا ڊوميسائيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي هتي ملڪيتون خريد ڪري ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.