ڪنڌڪوٽ ۾گولا-سبزوئي تڪرار تان نوجوان قتل،انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:عرفان کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ گولا-سبزوئي تڪرار تان ڇڪتاڻ وڌي وئي، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملير اسٽاپ ويجهو موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ٽريڪٽر ٽرالي تي سوار ماڻھن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ٽريڪٽر ڊرائيور غالب حسين گولو موقعي تي ئي قتل ٿي ويو جڏھن ته  قادربخش ۽ رحيم بخش گولو سخت زخمي ٿي پيا. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ڊرائيور ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال آندو، جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.جڏهن ته وارثن مقتول غالب حسين گولو جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. پوليس عملدارن پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون ۽ قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي انڊس هاءِ وي کولرائي ڇڏيو.ٻئي طرف زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ھي واقعو مڪاني چونڊن دوران سبزوئي ۽ گولا برادري وچ ۾ جھيڙي سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.