آءِ ايم ايف سان معاهدي تي جلد صحيحن جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون هاڻي بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ٿينديون جنهن ۾ قرض معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون.

ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين جون ڳالهيون بجيٽ منظوري کانپوءِ 28 جون تي ٿينديون جنهن کانپوءِ قرض جي معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون، پاڪستان طرفان ناڻي وارو وزير ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ صحيحون ڪندا.

ذريعن موجب پاڪستان قرض پروگرام 6 ارب ڊالر مان وڌائي 8 ارب ڊالر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ آءِ ايم ايف کان قرض جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ به گهري آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته پروگرام 2023 بدران 2024 تائين هلي.

ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال بجيٽ جو ڪاٿو تقريبن 10 هزار ارب رپيا ٿي ويندو، تيل اگهن تي 11 سيڪڙو سيلز ٽيڪس پهرين جولاءِ کان وصول ڪيو ويندو ۽ تيل اگهن تي 50 رپيا في ليٽر ليوي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب تيل اگهن تي هر مهيني پنج رپيا في ليٽر ليوي لڳائڻ تي اتفاق ٿيو آهي جڏهن ته ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 7005 مان وڌائي 7450 ارب رپيا ڪرڻ، ڪسٽم اوڳاڙي جو هدف 950 ارب مان وڌائي 1005 ارب جڏهن ته جي ايس ٽي اوڳاڙين جو هدف 3008 مان وڌائي 3300 ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪم ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙين جو هدف 55 ارب رپيا ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پاليسي فريم ورڪ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پاڪستان کي ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.