شاهه پور چاڪر ۾ مساڻ تي قبضي خلاف احتجاج

شاهپورچاڪر (ن ع آ) شاھه پور چاڪر ۾ مساڻ تي قبضي خلاف ميگھواڙ، سوچي ۽ گجراتي برادري جي ماڻھن  احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي وشنو، ڪرشن ڪمار سوچي، سجاول گجراتي، نارو جنڊاھڙو، سورج ۽ پ پ (شھيد ڀٽو) جي طالب حسين عمراڻي چيو ته بااثر قبضا مافيا ڪامل شاھ ڪالوني ۾ ھندن جي قبرستان تي قبضو ڪري قبرستان جي ايراضي کي سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري ھندو جاتي کي پنھنجي مُردن کي دفنائڻ لاءِ زمين ناھي بچي، ھو پراڻي دفنايل مردن واري قبر ۾ نئين مردي کي دفنائي رھيا آھن ھنن چيو ته جيڪڏھن اسان اقليتي برادري جي قبرستان تان قبضو ختم نه ڪرايو ويو ته 26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جو اسان اقليتي برادري مڪمل بائيڪاٽ ڪنداسين. ھنن ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ، اسٽنٽ ڪمشنر شھدادپور ۽ مختيارڪار کان مطالبو ڪيو ته اسان جي قبرستان جي سوا ٽي ايڪڙ زمين ماپ ڪري قبرستان انتظاميا حوالي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.