لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هوائي اڏي تي15 ڏينهن دوران جهازن سان پکي ٽڪرائڻ واري واقعن ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ ٻيا ادارا حرڪت ۾ اچي ويا آهن.
هوابازي واري وزير خواجه سعد رفيق جهازن سان پکين جي ٽڪرائڻ واري واقعن جو نوٽيس وٺندي لاهور ايئرپورٽ تي ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ پکين جو آزار گهٽائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
جنهن بعد پکين جي جهاز سان ٽڪرائڻ وارا واقعا رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ ٻيا ادارا حرڪت ۾ اچي ويا آهن.
انتظاميا طرفان پکين جو آزار گهٽائڻ لاءِ ڦٽاڪا ڇڏڻ سان گڏ ئي اسپري ڪرڻ کانسواءِ برڊشوٽرز پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.