خيرپور ۾ ڀاءُ ڏنڊا هڻي ڀيڻ ڀاڻيجين کي زخمي ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) خيرپور ميرس جي ڳوٺ وسايو ۾ ملڪيت جي تڪرار تان مبينا طور بااثرن ڏنڊا هڻي پنهنجي پيرسن بيواهه ڀيڻ لال خاتون ملاح سندس ٻن ڌيئرن زرينه، مختيار خاتون، پٽن عارب ۽ منظور ملاح کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي بيواهه عورت لال خاتون ملاح ٻڌايو ته ڳوٺ ڀرسان منهنجي والد جي 20 جريب موروثي ملڪيت آهي جنهن تي قبضي لاءِ ڀاءُ نواح ملاح ان جو کاتو پنهنجي نالي ڪرائڻ چاهي ٿو هن روينيو کاتو تبديل ڪرڻ لاءِ مون کان شناختي ڪارڊ ۽ دستاويزن تي صحيح گهري انڪار تي هن مون سميت منهنجي ٻن ڌيئرن ۽ پٽن کي ڏنڊا ۽ سِروٽا هڻي زخمي ڪيو آهي. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ مڙس فوت ٿيو هو پٽ بيروزگار آهن پيٽ گذر لاءِ ٻيو ڪو ذريعو ناهي تنهن ڪري مون ڀاءُ کان ملڪيت مان حصي جي گهر ڪئي ان تي هو اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهن مان مون سميت منهنجي ٻارن کي جان جو خطرو پڻ آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀاءُ خلاف ڪاروائي ڪري زرعي زمين مان حصو ڏئي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.