پڊعيدن ۾ نانگ ڪکڻ سبب ڳوڙهاري عورت فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت الزام، احتجاج

پڊعيدن ( ن ع آ  ) پڊعيدن ويجهو ڳوٺ حسن ملڪ جي رهواسڻ مسمات مختياره زال اويس ملڪ گهر ۾ ڪم ڪندي نانگ جي ڪکڻ سبب بيهوش ٿي وئي  جنهن کي  ڳڻتي جوڳي  حالت ۾وارث رورل هيلٿ سينٽر پڊعيدن کڻائي آيا، وارثن مبينا الزام مڙھيندي چيو ته ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب اسان جي عورت فوت ٿي آھي علاج نه ڪرڻ ۽ ٻن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ بيهوش هجڻ کان پوءِ  ايم ايس پاران اسان جي عورت کي نوابشاهه منتقل ڪرڻ جو چيو  جيڪا رستي سان ويندي فوت ٿي وئي آھي عورت کي 7 مهينن جي اميد سان ھيي  وارثن پاران پڊعيدن کان جلاجي لنڪ روڊ تي  پريس ڪلب سامھون   اسپتال عملي  خلاف نظير ملڪ,اويس ملڪ گلشير ملڪ فيروز ملڪ منٺار ملڪ ساجد ملڪ اسد ملڪ ۽ ٻين جي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريباري ڪئي اسان جي عورت ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي آھي ملوث عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي طرف ايم ايس موجب مريض جون ٽيسٽون ڪرڻ بعد نوابشاھ منتقل ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.