ميمڻ ڳوٺ مان نينگر جو پتو نه پيو، ماءُ کي بيهوشي جا دورا

کوکراپار(ن ع آ)ميمڻ ڳوٺ ۾ غريب مزدور الهه بچايو جو ڏهن ورهين معصوم پٽ محمد امين کي گم ٿيندي ڏهه ڏينهن گذري ويا پر اڃا تائين سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن سبب سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي معصوم امين جي ماءُ کي بي هوشي جا دورا پوڻ سبب سندن حالت خراب ٿي وئي  آهي ان موقعي تي مزدور الهه بچايو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي معصوم ننڊڙي کي گم ٿيندي ڏهه ڏينهن گذري ويا آهن جنهن ۾ اسان آس پاس  جي ڳوٺن ۾ تلاش ڪيو آهي پر مايوسي ٿي ،ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي ان چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ منهنجي تڏي تي ملير جو ڪو به سماجي سياسي اڳواڻ نه آيو ۽ نه ئي انهن رابطو ڪيو آھي هن روئيندي چيو ته غريب جو ٻار هجڻ سبب ڪو به مدد لاءِ تيار نه آهي هن مطالبو ڪيو ته منهنجي معصوم کي بازياب ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.