عامر لياقت جي سڀاڻي قبرڪشائي، پوسٽ مارٽم لاءِ بورڊ قائم

ڪراچي (رپورٽر)مشهور اينڪر ۽ سياستدان عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ واري معاملي بابت سندس پهرين زال بشريٰ عدالت پهچي وئي، جڊيشل مئجسٽريٽ جي فيصلي جي ڪاپي ورتي، هن جو چوڻ آهي ته هو جڊيشل مئجسٽريٽ جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي، ٻئي پاسي ڊاڪٽر عامر لياقت جي قبر ڪُشائي ۽ لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ 6 رُڪني ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو ويو آھي، پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيا جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ ۾ ايڊيشنل پوليس سرجن شاهد نظام، ڊي ايڇ او فارنزڪ ميڊيسن پرويز مخدوم، فارنزڪ ايڪسپرٽ ڊاڪٽر هري رام، ڊاڪٽر گلزار علي سولنگي ۽ ڊاڪٽر اريب بقائي شامل آهن، نوٽيفڪشن موجب بورڊ سڀاڻي 23 جون تي صبح 9 وڳي جو عامر لياقت جي قبر ڪُشائي ڪندو، ياد رهي ته 9 جون تي ايم اين اي عامر لياقت جو ڪراچي واري گهر مان لاش هٿ آيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.