سپريم ڪورٽ پاران سنڌ ۾ مڪاني چونڊن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست رد

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن خلاف تحريڪ انصاف جي داخل درخواست رد ڪرڻ جو لکت وارو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل لکت واري حڪم نامي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته آرٽيڪل 3/184  جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض درست آهن، درخواست گذار لاڳاپيل فورم سان رجوع ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، درخواست گذار طرفان ذڪر ڪيل عدالتي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ  جو فورم موجود آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.