راڌڻ ۾ عورت جو گهرڀاتين سميت پوليس خلاف مظاهرو

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ ڀرسان ٿرڙي محبت جي ڳوٺ راجهو جهتيال واسي عورتون مسمات عجيبان زال منير جهتيال پنهنجي ڌيءِ ۽معصوم ٻارڙن  ڏوٽن ۽ پوٽين سان گڏجي ٿرڙي محبت تي قران پاڪ کڻي ڏير مٺل جتهيال، شبير جهتيال ۽ نثار جهتيال خلاف ٿرڙي ٿاڻي جي گيٽ اڳيان ڏيرجي ظلمن ۽پوليس پاران مڙس منيرجهتيال کي گرفتار ڪرڻ خلاف قرآن مٿي تي رکي احتجاج ڪيو هن دانهيو ته ڄاڻايل ڏيرن بجلي جي تار ڪٽڻ واري معمولي ڳالهه  تان ڌيءِ مسمات  (ن) زال نادرجهتيال کي تشدد جو نشانو بڻايو جڏهن ته  بااثرن جي مداخلت تي پوليس  الٽو مڙس منير جهتيال  کي گرفتار ڪري ٻن ڏينهن کان لاڪپ ڪري چڏيو هن ايس ايس پي دادو ۽ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بنا سبب جي گرفتار ٿيل مڙس منيرجهتيال کي آزاد ڪري انصاف ۽تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.