حيدرآباد ۾ سماجي ورڪرن جو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ سماجي ورڪرن پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

مردن توڙي عورتن اصغر ملاڻي، ثمر جتوئي، اظهر رند ۽ ٻين جي اڳواڻي هٿن ۾ جهنڊا کڻي اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب زمينون بنجر ٿي ويون آهن، چوپايو مال ۽ پکي پکڻ اڃ وگھي مري رهيا آهن.

هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب ڊيلٽا تباهي طرف وڌي رهيو آهي ۽ سمنڊ هزارين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي ويو آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، جڏهن ته پاڻي لاءِ احتجاج ڪرڻ تي آبادگارن تي تشدد ڪيو وڃي.

سماجي ورڪرن وفاق سرڪار ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ مان پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.