آرمي چيف کي چيف آف ڊفينس مقرر ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اتحادي حڪومت اسٽيبلشمينٽ سربراهه کي چيف آف ڊفينس مقرر ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، نامياري صحافي ظفر نقوي پنهنجن ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته ٽئي فوجون، اسٽيبلشمينٽ  سربراهه توڙي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيف آف ڊفينس جي ماتحت هوندا، صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ملازمت مدي ۾ واڌ ته ڪڏهن نئين عهدي جي ڳالهين مان محسوس ٿئي ٿو ته ضرور ڪو معاملو غور هيٺ آهي. ان لاءِ اهڙي قسم  جون ڳالهيون مارڪيٽ ۾ اچي رهيون آهن، چيف آف ڊفينس پٺيان منطق اهو آهي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن سينيئر جي حق تلفي يا دل آزاري  به نه ٿئي ۽ موجوده فوجي سربراهه  جي صلاحيتن مان به فائدو ورتو وڃي، مدت ۾ واڌ يا نئين عهدي تي موجوده آرمي چيف جي مقرريءِ  واريون ڳالهيون پي ٽي آءِ تي باهه بڻجي ڪريون آهن. جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا بريگيڊ ويتر مڇرجي پئي آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ  سربراهه خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي باهه ڀڙڪي پئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.