ڏهرڪي ۾ مقابلو، گهوٽڪي واسي زخمي حالت ۾ گرفتار

ڏهرڪي  ( ت ر)  ڏهرڪي پوليس 5 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل گهوٽڪي واسي ڳوٺاڻي حسين بخش ڪلهوڙو کي مبينه پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي، جنهن بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڳوٺاڻي کي علاج لاءِ ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو ويو.  ان موقعي تي ايس ايڇ او ڏهرڪي اطهر چنا ٻڌايو ته 3 ڏوهاري ڏوه جي ارادي سان بيٺل هجڻ تي اطلاع تي پوليس جيئن ئي شهر جي کينجهو روڊ تي پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن جا ٻه ساٿي فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته گرفتار ڪيل ڏوهاري جي سڃاڻپ  گهوٽڪي واسي حسين بخش ڪلهوڙو طور ٿي آهي هن چيو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي جن ڪيسن جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا جڏهن ته هن جي فرار ٿيل ٻن ساٿين کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو زريعن موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڳوٺاڻي کي 5 ڏينهن اڳ پوليس گهوٽڪي مان گرفتار ڪيو هو جنهن جي اڄ پوليس مقابلي ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.