چوماسي جي برساتن جو نئون سسٽم بلوچستان ۾ داخل

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) چوماسي جي برساتن جي سلسلي ۾ مينهن وسائڻ وارو نئون سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موجود مينهن وسائڻ وارو سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اڄ 17 جون کان 20 جون دوران، سبي، بولان، نصير آباد، جهل مگسي، مستونگ، بارکان، زيارت، زوب، قلات، ڪوئيٽا، خضدار، چمن ۽ هرنائي ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمنشرز کي برساتن دوران ضروري عملي کي تيار رکڻ جي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.