ورات ڪوهلي بابت شاهد آفريدي ڇا ٿو چئي ؟

وڻي ڪپتان شاهد آفريدي لاڳيتو ناڪامين جي شڪار ورات ڪوهلي کان سوال ڪيو آهي ته ڇا هو ٻيهر دنيا جو نمبر هڪ رانديگر بڻجڻ چاهي ٿو؟

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي شاهد آفريدي چيو ته ڪرڪيٽ ۾ رويو سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندو آهي ۽ مان هر هر اها ڳالهه ورجائيندو آهيان.

شاهد آفريدي سوال ڪيو ته” وارت ڪوهلي، پنهنجي ڪيريئر جي شروع ۾ دنيا جو نمبر هڪ بيٽر بڻجڻ چاهي پيو، ڇا هو واقعي ٻيهر نمبر هڪ بڻجڻ چاهي ٿو؟ “

اڳوڻي سپر اسٽار چيو ته ڇا ورات ڪوهلي سمجهي ٿوته هن زندگي ۾ سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي، هاڻي رڳو آرام ڪري وقت گذارڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.