اوٻاوڙو: پوليس پاران 20ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان جو پوليس تي تشدد ڪرڻ جو الزام

اوٻاوڙي پوليس پاران 20ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان پوليس تي سخت تشدد ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

صحافين جي ٽيم ڳجهي اطلاع تي لانگهو پوليس پڪٽ وٽ پهچي 20 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان لطيف شر کي غيرقانوني طور ٽارچر سيل ۾ ڏسي ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي نوجوان صحافين کي ٻڌايو ته اوٻاوڙو پوليس بيگناهه گرفتار ڪري رشوت گھري، جيڪا نه ڏيڻ تان ايس ايڇ او اوٻاڙي هن ٽارچر سيل ۾ رکي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

هن ٻڌايو ته هو غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهي، وٽس هڪ رپيو به ناهي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي اوٻاوڙو پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي آزاد ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.