صدر پاران ڀارت ۾ مسلمانن تي تشدد جي مذمت

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي ڀارت ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ مسلمانن تي وحشياڻي تشدد جي مذمت ڪئي آهي. صدر عارف  علوي عالمي برادري کان ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي بگڙجندڙ صورتحال جو فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو به ڪيو آهي.هن چيو ته ڀارت پنهنجون هندوتوا پاليسون، اقليتين کي نشانو بڻائڻ ۽ انهن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ بند ڪري.سندس چوڻ هو ته پاڻ سڳورن صه جن جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن خلاف ڀارت فوري طور سخت ڪارروائي ڪري. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.