باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاج

باڊهه (ن ع آ ) باڊهه تعلقا موومينٽ پاران باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرز زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي  جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي علمي ادبي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن علي انور عسڪري، ڪامريڊ محمد علي خشڪ، عبدالله غفاري، ڪامريڊ اصغر نوناري، شمس الدين پنهور، نبي رضا بلوچ، واحد سنڌي، محمد امين سيال، جي ايم چنجڻي، احمد خان زهري، فيصل زهري، عبدالڪريم زهري، علي زهري، جمال خاصخيلي ٻين  شرڪت ڪئي،  باڊهه تعلقي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. جڏهن ته تعلقا موومينٽ پاران بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻن نوجوانن زيب علي ساريو ۽ واحد سنڌي پاران تعلقي موومينٽ جا پلي ڪارڊ کڻي تعلقي جي نوٽيفڪيشن ملڻ تائين جنگ جاري رکڻ جو وچن ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته باڊهه تعلقو اسان جو بنيادي حق آهي جيڪو اسان کي ڄاڻي وڻي ذاتي مفادن خاطر نه پيو ڏنو وڃي، اسان جي مسلسل ڊگهي جدوجهد کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي. پيپلزپارٽي حڪمرانن ۽ علاقي جي ايم پي ۽ اي ايم اين سميت ڪيترن ئي باڊهه کي تعلقو بڻائڻ جا واعدا ڪري باڊهه واسين کان ووٽ ورتا آهن ۽ هر ڀيري جيان اقتدار ملڻ بعد هو پنهنجن ڪيل واعدن تان ڦري رهيا آهن پر هن بلدياتي اليڪشن ۾ کين خبر پئجي ويندي ته باڊهه واسي هاڻي سندن وڌيڪ ڏٽن دلاسن ۾ نه ايندا باڊهه جي غيرت مند فردن پنهنجا ووٽ باڊهه تعلقي سان مشروط ڪري ڇڏيا آهن، پ پ چيئرمين، وڏو وزير نوٽيفڪيشن جاري ڪري بيچيني ختم ڪري، ٻئي صورت ۾ جدوجهد جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.