مني لانڊرنگ ڪيس: وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز سميت ٻين شريڪ جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻين جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي خاص عدالت ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ روپوش ٽن جوابدارن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، ايف آءِ اي جي وڪيل فاروق باجوا عدالت کي ٻڌايو ته ٽئي جوابدار ڏنل پتي تي موجود نه ناهن.

جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف روسٽرم تي اچي چيو ته منهنجو حق آهي ته پنهنجي ضمانت بابت عدالت کي حقيقتون ٻڌايان.

شهباز شريف چيو ته ايف آءِ اي جو ڪيس به اهو ئي آهي جيڪو نيب ٺاهيا هئا، مون خلاف آشيانه هائوسنگ ۽ رمضان شوگر ملز جا ڪيس ٺاهيا  ويا.

ان دوران جج شهباز شريف کان پڇاڻو ڪيو  ته ڇا انهن ملز ۾ اوهان جو ڪو شيئر ناهي؟ جنهن تي شهباز شريف چيو ته منهنجو ڪو شيئر ناهي، شوگر ملز جو ڊائريڪٽر آهيان نه مالڪ ۽ نه ئي شيئر هولڊر آهيان.

وزيراعظم چيو ته آشيانه هائوسنگ ڪيس ۾ مون تي اختيارين جي غيرقانوني استعمال جو الزام لڳايو ويو، جڏهن ته منهنجي ڪيسن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلو ڏئي چڪي آهي.

هن عدالت کي ٻڌايو ته نيب منهنجي خلاف سپريم ڪورٽ ويو، ان وقت جي چيف جسٽس منهنجي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست ۾ چيو ته ڪرپشن جا ثبوت ڪٿي آهن، نيب اتان به پڇ لوڏيندو ڀڄي ويو.

شهباز شريف چيو ته نيب چيو ته نيب جي ٽارچر سيل ۾ هئس، اتان جيل ويس ته ايف آءِ اي وارا ٻه دفعا مون وٽ آيا، ايف آءِ اي وارن کي چيو ته پنهنجي وڪيل سان مشورو ڪرڻ کانسواءِ جواب نٿو ڏئي سهگان، مون زباني ايف آءِ اي کي حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون هيون، منهنجي ڪيسن جو ميرٽ تي فيصلو ٿيو ۽ مان ٻاهر آيس.

سندس چوڻ هو ته عزت ئي انسان جي ملڪيت هوندي آهي، مون تي انتهائي سنگين الزام لڳايا ويا، ڪيئي حاضريون ڀوڳيون، ايف آءِ اي  ڇنڊ پٽي وئي ته چالان  پيش ڇو نه پيو ڪيو وڃي. مونکي لڳي ٿوته ايف آءِ اي  وارا گرفتاري جو رستو ڳولي رهيا هئا، انڪري چالان ۾ دير ڪئي.

لاهور جي خاص عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت سمورن جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن بعد عدالت پهريان کان محفوظ فيصلو ٻڌائيندي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي 10، 10 لک رپيا جڏهن ته ڪيس ۾ شريڪ ٻين جوابدارن کي 7 ڏينهن ۾ 2،2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.