کپري ويجهو پورهيت جو وڻ ۾ٽنگيل لاش هٿ

کپرو (ن ع آ ) کپرو ويجهو هٿونگو جي ڳوٺ سيونجهي ۾ اڌڙوت شخص جو کٻڙ جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو آھي مقتول جي سڃاڻپ 48 ورهين جي ڀارمل ڪولهي طور ٿي آھي اطلاع تي کپرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي لاش کي  لوڊر رڪشي ۾  کپرو تعلقه  اسپتال آندو جتي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو وارثن موجب مقتول سڄي زندگي هارپو ڪري ٻچن جو  پيٽ پاليندو هو غربت سبب خودڪشي ڪري آپگهات ڪيو آھي مقتول 10 ٻارن جو پي ء هيو هن غربت ۽ پيسي جي تنگي سبب خودڪشي ڪئي آھي پوليس موجب مقتول اڌڙوت شخص جي پوسٽ مارٽم ڪرائي آھي رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ٻئي طرف مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.