اوهان وٽ به هي نوٽ آهن ته فوري تبديل ڪرايو !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرنسي نوٽن جي تبديلي بابت تاريخ ۾ اسٽيٽ بينڪ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اسٽيٽ بينڪ موجب 10، 50، 100 ۽ 1000 رپين جا پراڻا نوٽ تبديل ڪرڻ جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي، عوام پراڻا نوٽ اسٽيٽ بينڪ آفيس اچي تبديل ڪرائي سگهن ٿا.

جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بينڪ مارڪيٽ مان پراڻن ۽ ناڪارا نوٽن کي  گڏ ڪري ٿو ۽ انهن جي جاءِ تي نوان نوٽ فراهم ڪري ٿو.

بيان موجب نئين سيريز جاري ڪري پراڻي ڊيزائن جي نوٽن کي ختم ڪرڻ سان مرڪزي بينڪن کي ٺڪي کان بچائڻ ۽ گردش ۾ بينڪ نوٽن جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.