ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ امير طبقي لاءِ ٽيڪسن ۾ واڌ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين وفاقي بجيٽ ۾ امير طبقي تي ٽيڪسن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي چيو وقت اچي ويو آهي ته ٽيڪس جو بار غريب کان امير تي منتقل ٿئي.

هن چيو ته اهڙا سمورا ماڻهو، ڪمپنيون ۽ اي او پيز، جن جي سالياني آمدني 30 ڪروڙ رپيا يا ان کان وڌيڪ هجي، انهن تي ٻه سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.

1600 سي سي  کان وڌيڪ جي گاڏين تي ايڊوانس ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي.

اهڙي ريت اليڪٽرڪ انجڻ جي صورت ۾ قيمت جي ٻه سيڪڙو جي شرح سان ايڊوانس ٽيڪس وصول ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته نان فائلرز لاءِ ٽيڪس جي شرح کي 100 سيڪڙو مان وڌائي 200 سيڪڙو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.