کنڀي گم ڪيل نوجوان کي آزاد ڪريو، قمبر ۾ وارثن جو احتجاج

قمبر ( ڊر ) قمبر جي ڳوٺ لئو ميرجت جاگير جي رهواسين جو محمد علي چانڊيو جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شوڪت علي چانڊيو، حب علي چانڊيو، امڙ عظيمان خاتون، نصرت خاتون ۽ معصوم ٻارڙن محمد علي جا فوٽو کڻي دانهيندي چيو ته پوليس اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي محمد علي کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جو هن وقت تائين ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي، جيڪڏهن محمد علي جو ڪوبه ڏوهه آھي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي هنن چيف جسٽس پاڪستان آرمي چيف،آءِ جي سنڌ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي محمد علي چانڊيو کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.