ساماري ۾ نينگر اغوا، شهرين جو احتجاجي مظاهرو

سامارو ( ن ع آ ) سامارو شھر ۾ دونڪان تي ويٺل 15 سالا نينگر اغوا اطلاع تي گهر ۾ روڄ راڙو سوين شھري گهر آڏو پهچي ويا خبرموجب سامارو شھر ۾ عمرڪوٽ روڊ تي ويلڊنگ جي دوڪان تي ويٺل 15 سالا نينگر ونود ڪمار ولد گوردن لوهار کي بولان گاڏي ۾ سوار ٿي پهتل هٿياربندن جوابدارن سڏي زوري ڳاڏي ۾ پجهي اغوا ڪري فرار ٿي ويا وجھ وٺي فون ذريعي وارثن کي اطلاع ڪيو جنهن بعد سندس فون مسلسل بند اچي رهيو. هو  اهڙي اطلاع تي پير ڪالوني ۾ نينگر جي گهر ڪهرام مچي روڄ راڙو پئجي ويو سوين شھرين لوهار برادري جي ماڻھن پهچي ويا ۽ پيرڪالوني سامهون سامارو کان ميرپورخاص مين روڊ تي  گوردن . ڪرشن . ڪيلاش . ڏيون لوهار  ۽ ٻين جي اڳواڻي سوين شھرين اغوا واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري رات جي وقت روڊ بلاڪ سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي ٻي طرف سامارو پوليس سخت چيڪنگ شروع ڪري جانچ ڪري رهي آھي آخري اطلاع تائين وارثن جو اغوا واقعي خلاف ڌرڻو جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.