برطانيا جي وزيراعظم خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ ناڪام ٿي وئي

دنيا جي ٿورن ملڪن ۾ ٻه پارٽي سسٽم آهي، جن ۾ آمريڪا ۽ برطانيا شامل آهن، هن وقت برطانيا ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي حڪومت آهي جنهن جي حريف جماعت ليبر پارٽي آهي،بورس جانسن ڪنزرويٽو پارٽي جو وزيراعظم آهي، بورس جانسن گهڻ ئي حوالن سان تڪراري اڳواڻ رهيو آهي پر هن وقت سندس پارٽي جا ئي ڪافي ميمبر هن جي خلاف ٿي ويا آهن، جڏهن ته هن جي مٿان سڀني کان وڏو الزام اهو آهي ته بورس جانسن 2020 ۾ ڪووڊ 19 داورن لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ ٽين ڊا.ون اسٽريٽ ۾ هن جي گهر ۾ سندس ملازمن شراب جون محفلون سجايون هيون، اهو اسڪينڊل جڙڻ بعد هن جي خلاف جاچ به ٿي هئي جنهن بعد هن معافي پڻ ورتي هئي پر سندس ئي پارٽي جا اهي ميمبر جن جي لاءِ اتي جي سياست ۾ هڪ اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي بيڪ بينچ ڪيمٽي جنهن ۾ شامل سندس ئي پارٽي جي  ميمبرن لاءِ اهو به چئبو آهي ته اهي خاموش ميمبر آهن، جڏهن ته اهي ڪنهن به ريت خاموش نه هوندا آهن پر عرصي کان انهن جي لاءِ اهو به هڪ اصطلاح ڪتب آندو ويندو آهي.

برطانوي وزيراعظم بورس جانسن خلاف بي اعتمادي واري رٿ سومر واري ڏينهن ناڪام ٿي وئي . حڪمران ڪنزرويٽو پارٽي جي ٻه سئو يارهن ميمبرن بي اعتمادي واري رٿ جي ووٽ ۾ جانسن جي حمايت ڪئي. جانسن جي ڪنزرويٽو پارٽي جي پندرهن سيڪڙو ميمبرن سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، پارٽي اندر بي اعتمادي  جي تحريڪ  جنم ورتو هو .

هن کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم ٿريسامي، جنهن جو تعلق به ساڳئي پارٽي سان آهي، کي 2018 ۾ بي اعتمادي جي تحريڪ کي منهن ڏيڻو پيو هو، جنهن کانپوءِ هن ڇهن مهينن اندر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ڪورونا ضابطن جي ڪيترن ئي ڀڃڪڙين جي انڪشافن کانپوءِ جانسن جو عملو مسلسل دٻاءَ ۾ آهي.

سومر تي برطانيا جي حڪمران ڪنزرويٽو پارٽي جي ميمبرن بورس جانسن جي خلاف بي اعتماديءَ جي ووٽ ۾ حصو ورتو، جنهن جي حق ۾ 211 ۽ مخالفت ۾ 148 ووٽ پيا، کيس 48 ووٽن جي سرسي ملي،  جنهن کانپوءِ وزارت اعظميٰ جو عهدو بچي  ويو آهي.

سر گراهم بريڊي، 2022 جي ڪنزرويٽو ڪميٽي جي چيئرمين، هڪ ڳجهي ووٽنگ کانپوءِ اعلان ڪيو ته پارلياماني پارٽي کي وزير اعظم تي اعتماد آهي.

بورس جانسن پنهنجن ساٿين جي حمايت تي ٿورو مڃيو،هن چيو ته هاڻي اسان کي حڪومت ۽ پارٽي کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.بورس جانسن کي ڪنزرويٽو پارٽي ۾ مجموعي طور تي 58.8 سيڪڙو حمايت حاصل آهي، جڏهن ته 41.2 سيڪڙو ميمبرن سندس مخالفت ڪئي.

بي بي سي جي پوليٽيڪل ايڊيٽر ڪرس ميسن جو چوڻ آهي ته 148 جو چوڻ آهي ته هي  ملڪ،بورس جانسن کان سواءِ ترقي ڪري سگهي ٿو. ميڊيا موجب  ڪجهه وزيرن ۽ صلاحڪارن به وزيراعظم جي حمايت نه ڪئي آهي. جن جو  چوڻ هو ته هاڻي بورس جانسن کي پارٽي ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو.

2019ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ  بورس جانسن وزيراعظم طور حلف ورتو هو، پارٽي اندر سندس خلاف وڌندڙ ڪاوڙ جو اظهار تازو برطانيا جي راڻي جي تاج پوشي جي پلاٽينم جوبلي وارين تقريبن جي پروگرامن ۾ هن خلاف نعرا لڳا هئا ۽ هن تي چٿر به ڪئي وئي هئي.ٻئي پاسي لنڊن ۾ سومر واري ڏينهن ريلوائي  ۽ بحري مزدورن جي هڙتال شهر جي پوري زير زمين ٽيوب سسٽم کي معطل ڪري ڇڏيو. سڄي ملڪ جو ڪاروبار ۽ مالياتي نظام شديد متاثر ٿيو، جيتوڻيڪ ٽيوب سسٽم لنڊن جي ميئر جي ماتحت آهي، جيڪو ليبر پارٽي سان تعلق رکي ٿو، پر ان جو اثر سڄي ملڪ ۾ محسوس ڪيو ويو.

.وزيراعظم خلاف لاڪ ڊائون جي وقت ۾ سرڪاري ملازمن جي ٿيندڙ شراب وارين پارٽين بابت هڪ انڪوائري رپورٽ به ٺاهي وئي هئي. جنهن کي  سيو گري رپورٽ سڏيو ويندو آهي. رپورٽ ۾ نمبر 10 پارٽين جو تفصيل آهي جيڪي لاڪ ڊائون جي ضابطن جي ڀڃڪڙين جو ذڪر ڪيو ويو آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.