ماٿيلي واسي همراهه پنجاب ۾ گم، وارث پريشان

ميرپور ٻرڙو (ن ع آ) ميرپور ٻرڙو ڀرسان ڳوٺ غلام نبي نوناري جو رهواسي 42 سالن جو اختيار نوناري پنجاب جي شھر قصور مان پڻ گم ٿي ويو آهي، جنھن جا وارث سخت پريشان آھن.  5 معصوم ٻارن جو پيءُ اختيار نوناري پنهنجي گهر کان پنجاب جي شھر قصور ۾  بابا بلي شاھ جي ميلي تي ويل هو جنهن بعد هو اچانڪ لاپتا ٿي ويو ۽ سندس فون به بند آھي، پراسرار گم ٿيل اختيار احمد جي وراثن انيس نوناري ،رياض نوناري، ۽ گلاب نوناري جو چوڻ آھي ته 8 ڏينهن کان ڳولا جاري آھي قصور ٿاڻي جي پوليس کي به اطلاع ڏنو پر انهن ڪجھه ڪون ڪيو  وڏي ڳولا کان پوءِ  به ڪجھه ڏس پتو ڪون پئجي سگهيو آھي، پراسرار نموني گم ٿي ويل جي وارثن انتظاميا کان مطالبو ڪيو .ته اسان جي گم ٿي ويلن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي،

لاڙڪاڻي ۾ زهريلي پلي کائڻ سبب ٻارڙن سميت 14 گهر ڀاتي بيهوش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور زهريلي پلي کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 14 گهر ڀاتي بيهوش ٿي پيا، بيهوش ٿيلن ۾ 3 عورتون، 3 مرد ۽ 7 ٻارڙا شامل آهن جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان چوڪ جي يوسف ڪالوني ۾ منجهند ڌاري مانجهاندي جي ماني دوران مبينا طور زهريلي پلي کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 14 ڀاتي تڙپي تڙپي بيهوش ٿي پيا جن ۾ مائي حضوران، سنڌو، مير خاتون، الله بخش چانڊيو، مولابخش، عبدالغفار کوسو، ٻارڙا عرفان چانڊيو، عليزه، عبدالنبي، غلام علي، بلاول ۽ عبدالرسول شامل آهن جن کي گهر ۾ تڙپندي ڏسي سندن گهر ڀاتين کين مختلف گاڏين تي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي متاثرن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي اسپتال انتظاميه ايمرجنسي لاڳو ڪري اضافي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ عملي کي طلب ڪري بيهوش ٿيل رهواسين کي طبي امداد ڏني. ان موقعي تي بيهوش ٿيلن جي وارثن ٻڌايو ته اڄ منجهند ڌاري اسان جي ٻارن گهر ۾ پلي جي ڀاڄي چاڙهي هئي جيڪا تيار ٿيڻ بعد سمورن گهر ڀاتي کاڌي ته ان دوران سمورا گهر ڀاتي تڙپي تڙپي بيهوش ٿي پيا سندن جي اهڙي حالت ڏسي اسان فوري طور تي مختلف گاڏيون گهرائي انهن کي کڻائي اسپتال داخل ڪرايو آهي. هنن ٻڌايو ته خبر ناهي ته پلي ڪيئن زهريلي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان پلي ۾ ڪا زهريلي شيءَ هجي تنهن ڪري ان بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. هوڏانهن علاج بعد ڪجهه رهواسين کي گهر موڪليو ويو ۽ ٻين متاثرن جو علاج آخري اطلاعن تائين هلندڙ هو.بڊاڻي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

بڊاڻي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

بڊاڻي (ن ع آ)بڊاڻي ۾ زمين جي مالڪي تان ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ امان الله، صدام حيسن، ارباب علي، ممتاز علي، خليل احمد، پوليس اهلڪار عبدالفتاح، شاھنواز، غلام ياسين ۽ قدير احمد شامل هئا،جن کي بخشاپور اسپتال نيو ويو. پوليس ٻنهي ڌرين کان  فرياد وٺي ڇڏي جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

جنگ شاهي ڀرسان ڊمپر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

جنگ شاھي (رپورٽ: پير غلام حسين شاھ) جنگ شاھي ڀرسان ڪراچي روڊ  شورا موري وٽ تيز رفتار ڊمپر موٽرسائيڪلمٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ مال ماڙي جو رهواسي نوجوان رضوان الله ولد محمد بلاول جوکيو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي پهريان مڪلي سول اسپتال آندو ويو، جتان نازڪ حالت ۾کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جيڪو ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو.نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.