مراد علي شاهه وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي پيٽرول ڪوٽا 40 سيڪڙو گهٽائي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي پيٽرول ڪوٽا 40 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

رپورٽن موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي سمورن وزيرن ۽ سنڌ حڪومت جي آفيسرن جي پيٽرول ڪوٽا 40 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيو.

وڏي وزير چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌرو ٿيو آهي، پيٽرول وڌندڙ قيمتن جو بار خزاني تي وڌيڪ نه پوڻ گهرجي ڇو جو خزاني تي بار جو مطلب عوام تي بار آهي.

هن چيو ته سرڪاري آفيسرن جي پيٽرول ڪوٽا جي 40 سيڪڙو گهٽتائي سان ناڻي تي بار ۾ گهٽتائي ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.