عمران هاڻي لاڏلو ناهي، نه ئي پاڪستان رانديڪو، جنهن کي ڀڃي ڇڏيندو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اهو ڪير هو؟  جيڪو عمران خان کي اقتدار ڏيارڻ لاءِ اتحادين کي رسن  سان ٻڌي عمران جي جهوليءَ ۾ اڇلي رهيو هو، قانونسازي لاءِ ميمبرن کي گهلي گهلي ايوان ۾ آڻي رهيو هو،  نامياري صحافي مبشر لقمان  پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته صحافي ارشد شريف کي ٻڌايان ٿو ته ٻه سال دفاعي بجيٽ ۾ اضافو نه ڪري ان جو عمران خان کي سياسي فائدو ڏيارڻ وارو ڪير هو، افغان مسئلو  خوش اصلوبي سان حل ڪري ان جو فائدو عمران خان کي ڏيارڻ  وارو ڪير هو، عمران خان کي صادق ۽ امين قرار  ڏيڻ وارو ڪير هو، سي پيڪ جي سيڪيورٽي سخت ڪري  عمران کي فائدو ڏيارڻ وارو ڪير هو، مارچ 2021ع ۾ عمران جو اقتدار بچائڻ وارو ڪير هو، محسن ڪش ڪير  ثابت ٿيو، پاڪستان ٽوڙڻ ڪنهن جو خواب آهي. مودي جي زبان ڪير ڳالهائي رهيو آهي. اقتدار وڃڻ جي صدمي  ۾ عمران خان ملڪ کي رانديڪو سمجهي ڀڃڻ چاهي ٿو، حڪومت کي گهرجي ته نفسياتي ماهرن جو بورڊ جوڙي عمران جو دماغي معائنو ڪرائي ڇو ته ملڪ لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، عمران معيشت تباهه برباد ڪئي، اسٽيٽ بئنڪ گروي رکي ڇڏي، سي پيڪ مورڳو پيڪ ڪري ڇڏي. ملڪ کي سفارتي محاذ تي اڪيلو ڪري ڇڏيو، عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي چوي ٿو ته 2018ع جيان کيس اقتدار ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ ملڪ ٽي ٽڪرا ٿي ويندو، فوج تباهه ٿي ويندي، عمران کان وسري ويو آهي ته هاڻي هو لاڏلو نه رهيو آهي ۽ نه ئي پاڪستا رانديڪو آهي جنهن کي هو ٽوڙي ڇڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.