رهڙڪي واسي 3 نوجوان آزاد نه ٿيا، ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان

ڏهرڪي( رپورٽ : اجيت ڪمار گودواڻي )  ضلعي گھوٽڪي ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو، 14 ڏينھن اڳ رھڙڪي واسي 3  نوجوان مبينا طور اغوا ٿي ويا ھئا ھن محل تائين بازياب نه ٿي سگھيا ، مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن پاران سومر ڏينهن تي ايس ايس پي گهوٽڪي ايٽ ميرپور ماٿيلو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو اعلان جيڪو نوجوانن جي بازيابي تائين ڪئمپ قائم ڪئي ويندي،صحافي جي  ڀاءُ ظهير سومرو جي ننڍي ڀاءُ نصير سومرو، سندس سئوٽ صدام سومرو ۽ دوست عاقب سميجو اوٻاوڙو جي حد ڳوٺ راڄڻپور ۾ دعوت تي ويل هئا جن کي 14 ڏينھن گذري ويا آھن کين پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آھي  مغوي نوجوان جي سندس ڀاءُ ظھيرسومرو ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ويجھي مائٽ ڪامران سومرو جي دعوت تي ويل هئا جٿان  گھر واپس ايندي کيس  اغوا ٿي ويا جن کي 14 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ڪو ڪردار اداڪيو نه ڪيو آھي  ھن چيو ته اھا به ڄاڻ ناھين ته نوجوان عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿياآھن يا کين ڌاڙيلن رستي مان اغوا ڪيو ويو آھي،  ھن چيو ته 14 ڏينهن گذري چڪا آھن پر پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ کين سنجيدگي ناهي ڏيکاري آھي ۽ ناھي اسان وٽ ڪو چونڊيل نمائندو لڙي آيو آهي،  اسين سول سوسائٽي. سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن. سومرو برادري. سميجا برادري کي سومر ڏينهن تي لڳندڙ احتجاج ۾ شرڪت لاءِ اپيل ڪجي ٿي ۽ سومر ڏينهن تي ايس ايس پي گهوٽڪي ايٽ ميرپور ماٿيلو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي نوجوانن جي بازيابي تائين ڪئمپ قائم رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.