ھر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ جا خواب ڏسندڙ ڊاڪٽر محبت  ٻرڙو

خادم رند

سنڌ جي نامياري سياسي اڳواڻ ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 25 ھين ورسي جي تقريب اڄ (آچر 29 مئي 2022ع) تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڀٽائي ادبي ھال ۾ ٿي رھي آھي. ورسي تقريب جو اھتمام ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي سهڪار سان ڪيو ويو آھي. اھا ورسي تقريب ھونئن ته 9 اپريل تي ٿيڻ کپي ھا ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر محبت جي وفات انھيءَ تاريخ تي ٿي ھئي پر رمضان شريف جي آمد ڪري ان کي ڪنھن ٻي مناسب وقت تائين پوئتي ڪيو ويو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 25 مارچ 1952ع تي قمبر ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ 9 اپريل 1997ع تي فقط 45 سالن جي ڄمار ۾ پنھنجي مختصر پر شاندار زندگيءَ جا ڏينھن پورا ڪري وڃي قمبر جي زرخيز مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو.

ڊاڪٽر محبت قمبر ۾ پنھنجي ڪلينڪ تي ھڪ ڀيري دوستن سان ڪچهري ڪندي ٻڌايو ھو ته ڪنھن به ماڻهوءَ کي 40 سالن جي عمر تائين پنھنجي شعبي جي چونڊ ڪرڻ کپي ۽ انکانپوءِ پنھنجي چونڊيل شعبي ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ مڙئي موجود وسيلا ڪتب آڻڻ کپن. عجيب اتفاق چئجي ته ھن اھا ڳالهھ پنھنجي وفات کان ڪجهھ سال اڳ ڪئي ھئي. ان مان ظاھر آھي ته 40 سالن ۾ شعبي جي چونڊ بابت ڳالهائڻ وقت ڊاڪٽر محبت جي پنھنجي عمر به لڳ ڀڳ 40 سال ھئي. ان جو مطلب ته ڊاڪٽر محبت ڪنھن خاص شعبي ۾ مھارت حاصل ڪرڻ واري عمر کان اڳ ئي اسان کان موڪلائي ويو. ته پوءِ آخر ڪهڙا سبب ھئا جو پنھنجي مختصر زندگيءَ ۾ ھو ايترا ته غيرمعمولي ۽ شاندار ڪم ڪري ويو جو ايم ايڇ پنھور جهڙي وڏي محقق ۽ سائنسدان کي به چوڻو پيو ته ”ڊاڪٽر محبت جيڪڏهن 60 سالن تائين جيئرو رھي ھا ته تصور ڪيو ھو ڪٿي پهچي ھا“ ان سوال جو جواب ڊاڪٽر محبت جي  دوستن ۽ ساٿين وٽ جدا جدا ٿي سگهي ٿو، پر مون سندس زندگيءَ جو جيڪو مختصر خاڪو پيش ڪيو آھي تنھن مان ممڪن آهي ته مٿئين سوال جو جواب سمجهڻ ۾ ڪنھن حد تائين سولائي ٿي پوي!

ڊاڪٽر محبت 1971ع ۾ گورمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پري ميڊيڪل ۾ انٽر پاس ڪري 1972ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري (ھاڻي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ائنڊ ھيلٿ سائنسز) ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لاءِ داخلا ورتي. ڊاڪٽر محبت جي ڪاليج وارن ڏينھن ۾ ڪتابن پڙهڻ واري عادت ان حد تائين وڌي چڪي ھئي جو ھو ڪاليج جي لائبريريءَ مان تقريبن روزانو ڪو نه ڪو ڪتاب کڻندو ھو ۽ ٻي ڏينھن اھو ڪتاب واپس ڪري وري ڪو ٻيو ڪتاب کڻندو ھو. جيڪڏهن ڪتاب ننڍڙا ھوندا ھئا ته ھڪ کان وڌيڪ ڪتاب به کڻندو ھو. اھڙي تيز رفتار مطالعي مان کيس اھو فائدو ٿيندو ھو ته ھو ٿوري وقت ۾ گهڻي ڄاڻ پرائي وٺندو ھو. ايل ايم سي ۾ ايم بي بي ايس ڪرڻ دؤران به ھن جو نه رڳو گهڻ پاسائون مطالعو جاري رھيو پر ھن لکڻ جي به شروعات ڪئي. شروع ۾ ھن ڪھاڻيون ۽ مزاحيا خاڪا لکيا جيڪي ڪاليج جي مخزن ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا ھئا. ايتري پڙھڻ ۽ لکڻ سان ڊاڪٽر محبت ۾ ڪافي حد تائين سياسي پختگي اچي وئي. سال 1974ع ۾ ايل ايم سي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو ميمبر ٿيڻ سان ھن عملي سياست جي شروعات ڪئي. ان تنظيم جو ھو 1978ع تائين باني سيڪريٽري رھيو. ان دؤران ڊاڪٽر محبت شاگردن ۽ سنڌ جي عام ماڻهن ۾ سياسي ۽ سائنسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. خاص طور مختلف علمي موضوعن تي بهترين قسم جا ليڪچر ڏيندو رھيو. اھڙا ليڪچر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏنائين. ھن 1984ع ۾ قمبر ۾ لطيف ڪلينڪ قائم ڪري ھڪ جنرل پريڪٽيشنر طور تر جي مريضن جو علاج شروع ڪري ڏنو. اھا ڪلينڪ 1997ع ۾ سندس لاڏاڻي تائين قائم رھي.

سياسي نظريي جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت سوشلزم جو پرچارڪ ھو ۽ سنڌي قوم جو حقيقي آجپو ۽ خوشحالي به کيس ان نظريي ۾ نظر ايندي ھئي. ھن وٽ پنھنجي نظريي جي حمايت ۾ تمام مظبوط ۽ عام فھم دليل ھوندا ھئا. بحث دؤران اڳئين ماڻهو جي سموري ڳالھ ڌيان سان ٻڌندو ھو ۽ پوءِ اختلافي نقطن تي پنھنجي مخصوص انداز ۾ دليل ڏئي مخالف کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. سدائين آرام ۽ پنهنجائپ واري لهجي ۾ بحث ڪندو ھو، مون ڪڏهن به کيس چڙندي ۽ بيزار ٿيندي نه ڏٺو. ڊاڪٽر محبت وٽ جيڪڏهن ڪو مريض يا دوست نه ھوندو ھو ته پوءِ ويٺو لکندو يا پڙھندو ھو، پر مون کيس گهڻي ڀاڱي لکندي ڏٺو. سندس ٽيبل تي ڪيترائي ڪتاب، اڇن پنن جا دستا ۽ بال پينون رکيل ھونديون ھيون. لکڻ دؤران سگريٽ مٿان سگريٽ پيو ڇڪيندو ھو. چانھ به گهڻي پيئندو ھو. اھي ٻئي شيون لکڻ ۾ کيس مدد مهيا ڪنديون ھيون. ھو سنڌ جي قومي معاملن بابت ايڏو ته حساس ھو جو 1992ع واري بارسلونا اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي نمائندگي نه ڏسي روئي ويٺو. ھو ھڪ اھڙو غيرمعمولي شخص ھو جنھن پنھنجي ذاتي مسئلن کان وڌ سنڌ جي قومي مسئلن کي اھميت ڏني ۽ ھر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ لاءِ آخري گهڙين تائين مسلسل جاکوڙيندو رھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.