اتر ڪوريا تي نين پابندين جي ڪوشش روس ۽چين ناڪام ڪري ڇڏي

دنيا جي عالمي سياسي منظرنامي ۾ اتر ڪوريا اهڙو ملڪ آهي، جنهن لاءِ سمجهيو ٿو  وڃي ته اهو اڄ تائين ڪميونسٽ نظريي جو پيروڪار آهي، دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ واقع ان ملڪ جي اهميت ڳچ عرصي کان رهي آهي، اتر ڪوريا دنيا ۾ ميزائل ٽيڪنالوجي ۾ اڳيان کان اڳرو آهي،هو وقت بوقت ميزائلن جا تجربا ڪندا رهندو آهي، جڏهن ته اتر ڪوريا جي هر سرگرمي سرمائيدار ملڪ خاص ڪري آمريڪا کان هضم نٿي ٿئي،جنهنڪري دنيا جو هي سُپر پاور گڏيل قومن،سلامتي ڪائونسل توڙي ٻين عالمي فورمن تي اتر ڪوريا جي فوجي ۽ ميزائل ٽيڪنالوجي کي ٽوڙڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪندو رهي ٿو پر اتر ڪوريا به هن جي هڪ نٿو مڃي. اتر ڪوريا سان لڳ ئي ڏکڻ ڪوريا آهي جتي چوڻ ڪاڻ ته جھمهوري نظام آهي پر اتي آمريڪا جو اثر وڌيڪ آهي.

تازو آمريڪا جي هڪ ڪوشش کي روس ۽ چين گڏجي ڪري ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي،روس ۽ چين اتر ڪوريا تي پابندي لاڳو ڪرڻ واري آمريڪي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو. آمريڪا اهو تڏهن پيش ڪيو هو جڏهن پيانگ يانگ تازو ٽن ميزائلن جو تجربو ڪيو، جنهن ۾ هڪ بيلسٽڪ ميزائل هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.اتر ڪوريا جي تجربن کانپوءِ آمريڪا خميس تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ وڌيڪ پابندين لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو پر چين ۽ روس ان کي ويٽو ڪري ڇڏيو.

2006بعد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو ان جا ميمبر  پيانگ يانگ خلاف ڪارروائي تي ورهائجي ويا آهن.سلامتي ڪائونسل جي باقي 13 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

قرارداد ۾ اتر ڪوريا جي، تماڪ ۽ تيل جي برآمد ڪرڻ تي پابندي جي تجويز شامل هئي.

اتر ڪوريا اڳواڻ ڪم جونگ ان، کي ”چين سموڪر“ سمجهيو ويندو آهي. قرارداد ۾ لزارس هيڪنگ گروپ تي پابندي جو مطالبو پڻ شامل هو، آمريڪا موجب ان گروپ جو تعلق  اتر ڪوريا سان  آهي.

ميزائل تجربا ان وقت ڪيا ويا جڏهن آمريڪي صدر جو بائيڊن ايشيا جي دوري کان واپس اچي رهيو هو.

گڏيل قومن ۾گڏيل اتفاق سان گذريل 16 سالن کان اترڪوريا تي پابنديون لڳايون پيون وڃن. جيئن ايٽمي هٿيارن ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرامن جي فنڊنگ کي روڪيو وڃي. سلامتي ڪائونسل  اتر ڪوريا تي آخري پابنديون 2017 ۾ لاڳو ڪيون ويون هيون.

چين جي سفير تازين پابندين بابت چوڻ هو ته  اضافي پابنديون موجوده صورتحال تي  ضابطو آڻڻ ۾ فائدي مند نه ٿينديون، ان سان صورتحال ويتر خراب ٿيندي.

چين  آمريڪا تي زور ڀريندو رهيو آهي ته هو انهن ماملن تي اتر ڪوريا  سان  ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، ٻي صورت ۾حل نه نڪرندو. 2019 ۾ ڪم جونگ ان ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽن ناڪام ڳالهين جي دور کان پوءِ ڳالهين جو سلسلو رڪجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.