معاشي مفادن جي جنگ ۽ نجات جو رستو

امداد قاضي

اسان ان ڳالهھ تي يقين رکون ٿا ته هر سياسي جنگ دراصل معاشي مفادن جي جنگ هوندي آهي. ملڪ ۾ هن وقت حڪمران طبقن جي تضادن جي پٺيان معاشي مفاد ڪار فرما آهن . پ پ ۽ ن ليگ جي چوڌاري گڏ ٿيل سرمائيدار ، سردار ، وڏيرا ۽ چوڌري ڪافي عرصي کان عوام کان لٽيل خزاني تي هٿ صاف ڪري رهيا آهن. پنهنجي ملڪيت ۽ اثاثن ۾ ڪئين دفعا اضافو ڪندا رهيا پر ڪي به نوان روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا نه ئي زرعي صنعت جي ترقي جون ڪوششون ٿيون. عوام غريب ٿيندا جڏهن ته انهن اقتداري پارٽين کان ٻاهر حڪمران طبقا جن کي انهن ٻنهي پارٽين ۾ گهڙي لٽ مار جي مال مان حصو پتي نه ملي رهي هئي اهي پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا جيڪي حڪومت ملڻ کانپوءِ مافيائن جي صورت ۾ بليڪ مارڪيٽنگ، سمگلنگ ۽ پنهنجي عياشين جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ نوان ٽيڪس لڳائي عام عوام خاص طور تي پورهيتن جي وات جو گرهه کسڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن چئن سالن ۾ اربين روپين جي لٽ مار ڪئي ويئي. اسان سمجهون ٿا ته ساڳي طرح پاڪستاني جرنيلن اربن جي بجيٽ تي هٿ صاف ڪرڻ کان علاوه پنهنجي صنعتي ۽ ڪاروباري امپائر تي ھر قسم جي ٽيڪِسن کان ڇوٽ حاصل ڪري هڪ طبقي جي شڪل اختيار ڪري ڇڏي . پنهنجي خاندانن کي انهن سرمائيدارن ، وڏيرن، سردارن ۽ چوڌرين وانگر ارب کرب پتي بڻائي ڇڏيو آهي.

انهن لٽيرن جون اشرافيه جي عالمي يعني سامراجي لٽيرن سان حصيداريون آهن. مقامي لٽيرا عوام کان لٽ مار ڪري ڪميشن ايجنٽ وانگر پنهنجو حصو رکي باقي سامراجي ادارن جي معرفت انهن عالمي لٽيرن کي ڏين ٿا مطلب ته پاڻ ۾ گڏجي عوام کي لٽين ٿا. جنهن جو تازو مثال پيٽرول جي قيمتن ۾ هڪدم 30 روپيا اضافو آهي ۽ چند ڏينهن ۾ وڌيڪ اضافي جي تياري ٿي رهي آهي. اهڙي طرح بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ به ساڳي ريت اضافو ڪيو ويندو. هڪ گروهه معيشت کي پهرين وارن کان وڌيڪ لٽ مار ڪري صرف چار سالن ۾ ملڪي معشيت تباه ڪري آئي ايم ايف جي چنگل ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. پراڻن پاپين پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بدران آءِ ايم ايف جون نيون شرطون مڃي عوام کي مهانگائي جي هڪ نئين طوفان سان دوچار ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي. هن سان برداشت کان وڌيڪ موجود مهانگائي کي وڌيڪ وڌائڻ جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي ويندو جنهن سان عوام بک مرندا ، بزرگن ۽ ٻارڙن لاءِ کير ۽ دوائون به خريد ڪري نه سگهندا.

عوام خاص طور تي محنت ڪش عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته هو لٽ مار لاءِ اقتدار حاصل ڪرڻ جي لڙائي ۾ ڇو استعمال ٿي رهيو آهي.. عام عوام ۽ محنت ڪش طبقن کي حڪمران طبقن جي ڪنهن هڪ گروه يا جنرلن جي ڪنهن هڪ ٽولي جي بالادستي يا اقتدار اعليٰ تي قبضي لاءِ جاري ڪشمڪش ۾ پنهنجون صلاحيتون واپرائڻ بجاءِ پنهنجي طبقي کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ تي خرچ ڪن. اوهان جي خوشحالي ملڪ جي اقتدار حاصل ڪرڻ سان نه ٿيندي. اوهان جي خوشحالي انقلاب برپا ڪري انهن ظالمن کان اقتدار کسي استحصالي نظام دفن ڪري عوامي جمهوريت ذريعي سوشلسٽ نظام قائم ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.