جوهي تعلقي جي شاخن ۾ پاڻي جو ڦڙو نه پهتو، آبادگارن پاران ريلي، ڌرڻو

جوهي  ( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو)  جوهي تعلقي جي سمورين شاخن ۾ زرعي پاڻي جو ڦڙو به پهتو چونڊيل نمائندن آبپاشي صوبائي وزير پاڻي چورن خلاف آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽  مختلف شاخن جي آبادگار اڳواڻن عبدا لطيف جمالي, امام علي روستماڻي، ميهر گاڏھي ، ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ غلام قادر لغاري, محمد ايوب لغاري،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف سخت نعري بازي ڪئي, ان موقعي تي آبادگارن چيو ته جوهي تعلقي جي سمورين شاخن چيجاڻي, پٽوڙو, پهوڙ, دڙا, لاکا, ڇني توڙي نوناري مائينر ۾ پاڻي جو ڦُڙو به ناهي جنهن ڪري آبادي ته هڪ طرف پر انساني حياتيون ۽ مال متاع به پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آهي, هنن چيو ته هر ڀيري هڪ سازش تحت جوهي تعلقي جي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي معاشي بدحالي طرف ڌڪيو پيو وڃي, سنڌ حڪومت سنڌو درياء ۾ پاڻي جي کوٽ جو بهانو ڪري وفاق سان ياري نڀاهي رهيا آھن هنن چيو ته سنڌ جي ٻين ڪئنالن واهن ۾ پاڻي ٿورو گهڻو وهي رهيو آھي مگر دادو ڪئنال ڇو بند آھي هنن چيوته سنڌو ۽ سنڌ سڪائڻ ھرگز نه ڏينداسين  اسان جي دادو ڪئنال جوهي بئراج جي زرعي پاڻي جي آبادي سان گڏ اتان پيئڻ جي پاڻي جو زريعو شامل آھي جوهي تعلقي جي آبادي زري گهٽ پوڻا ٽي لک تي مشتمل آھي حڪومت کي ماهوار ساليانو اربين کربين رپين جي ٽئڪس جي ادائگي به ڪرڻ جي با جود زرعي ۽ پئئڻ جي پاڻي سميت ڪوب زندگي گذارڻ لاء حڪمرانن جو اسان لاء ٽڪي  جوب رليف ناهي هنن چيو ته جوهي تعلقي اندر سالن کان زرعي پاڻي بند آھي جوهي بئراج جي منڍ تي سياسي با اثر زميندارن جو هٿيارن جي زور تي قبضو هئڻ ڪري جوهي جي سمورين شاخن مان سڪل واري اڏامي رهي آھي لکين ايڪڙ زرعي زمينون غير آباد آھن هنن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ تڪ ۾ هڪ ويسو به غير آباد ناهي رهيو پوء اسان لاء ايڏو ظلم ڇو آھي هنن چيو ته  رت ي آخري ڦڙي تائين اسان جي جدو جهد جاري رهندي آخر ۾ هنن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس  سنڌ حڪومت  کان پرزور مطالبو ڪيوآھي  ته دادو ڪئنال کولي جوهي بئراج جي سمورين شاخن ۾ زرعي پاڻي پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.