نوابشاهه: جيالو ٽڪيٽ نه ملڻ تي ناراض، آزاد حيثيت ۾ چونڊ جو اعلان

نوابشاھ(رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) نوابشاھ ميونسپل ڪارپوريشن جي يوسي 7 جي وارڊ 2 سان تعلق رکندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالي ۽ شاعر عبدالغفار المعروف امر ميراڻي پاران کيس نوابشاھ جي پ پ قيادت طرفان بلدياتي چونڊن ۾ ٽڪيٽ نه ڏيڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو آھي عبدالغفار ميراڻي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي تہ ھُن پنھنجي زندگي جا قيمتي 30 سال پاڪستان پيپلزپارٽي کي ارپي ڇڏيا آھن شاگردي واري زماني کان سپاف ۾ سياست جي شروعات ڪرڻ بعد سپاف جو ضلعي اطلاعات سيڪريٽري رھندڙ اڳوڻي ضلعي ناظمه فريال ٽالپر ۽ پ پ جي ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ ڏينھن رات پارٽي قيادت کي لبيڪ چئي جدوجھد ڪندڙ عبدالغفار ميراڻي چيو ته مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پ پ ايم پي اي ادي فريال ٽالپر ۽ ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار کي اھو ٻڌائڻ ٿو چياھيان ته نوابشاھ جي مقامي قيادت پنھنجي ذاتي پسند ۽ نا پسند جي بنياد تي بلدياتي چونڊن ۾ ٽڪيٽون ورھائي رھي آھي ۽ اسان جھڙن سينئر ڪارڪن ۽ جيالن کي دانستا طور ديوار سان لڳايو پيو وڃي ھن چيو ته پ پ نوابشاھ ۾ ھڪ مخصوص ٽولو آھي جيڪو ٻين سياسي جماعتن مان 5،6 سال اڳ ٽُٽي مفادن خاطر پ پ ۾ شامل ٿيو آھي جن ۾ محمد علي تُرڪ، علي حسن ڀٽو، آفتاب ميمڻ ۽ ٻيا اھڙا شامل آھن جيڪي نوڪرين وانگر ٽڪيٽون به ذاتي پسند ۽ نا پسند جي بنياد تي ورھائي پارٽي جي نظرياتي ڪارڪنن کي نظر انداز ڪري رھيا آھن ھن چيو ته ھاڻ مان آزاد حيثيت ۾ چيئرمين جي سيٽ تي مقابلو ڪندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.