درياخان مري لڳ ٽيوب ويل تي ستل چوڪيدار تي حملو، زخمي

درياخان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ٿاڻي جي حد منگيا موري ڀرسان ڳوٺ مولوي علي نواز شر ۾ سرڪاري ٽيوب ويل تي ستل چوڪيدار غلام سرور شر مٿان ڇھن ڄڻن جو  ڪھاڙين ۽ چاڪن سان حملو ڪھاڙيون ۽ چاڪون لڳڻ سبب غلام سرور شر سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي فوري طور تي علاج لاءِ  نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو چوڪيدار غلام سرور شر ٻڌايو ته جوابدار زاھد شر، حبدار شر ،ظھير شر، لخاڏنو شر ۽ ٻن نامعلوم  ماڻهڻ سرڪاري ٽيوب ويل ۽ موٽر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سجاڳ ٿيڻ تي مزاحمت ڪرڻ سبب جوابدارن ڪھاڙين ۽ چاڪن سان حملو ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف دريا خان مري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آھي.

  • دادو ۾ 48 سينٽي گريڊ گرمي،  گيسٽرو وگهي 3 ٻارڙا فوت

دادو (ڊ ر)  دادو ۾ سخت گرمي دوران گيسٽرو وڌي ويو، 24 ڪلاڪن دوران ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا، 30 ٻارڙا اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا، جتي چئن ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي  ٻڌائي وڃي. دادو ۾ گرمي پد 48 تي پهچي وڃڻ ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ٻارن ۾ گيسٽرو جي وبا ڦهلجي وئي آهي. ڪاڇي جي ڳوٺ راڄو گنڍو ۾ 3 ٻارڙا گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا، فوتين ۾ عامر پٽ فاروق مستوئي، سعيد پٽ عزيز مستوئي ۽ ذڪيه ڌيءُ علي حسن مستوئي شامل آهن جڏهن ته هڪ ڏينهن اندر سول اسپتال دادو جي ٻارڙن جي وارڊ ۾ 30 کان وڌيڪ ٻارڙن کي گيسٽرو وبا سبب داخل ڪيو ويو آهي، گيسٽرو مرض ۾ اڪرم گوپانگ، معظم علي، ڪائنات چارڻ ، اويس، مبين، سراج، امام الدين ڪلوئي ۽ ٻيا شامل آهن، اسپتال انتظاميا موجب ڪائنات، اڪرم، معظم ۽ امام الدين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب گرمي جي شدت ۾ اضافو، بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ صاف پاڻي نه ملڻ سبب ٻار گيسٽرو جي بيماري ۾ مبتلا ٿيا آهن جڏهن ته داخل مريض ٻارڙن جي وارثن احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته وارڊ ۾ سهولتون نه آهن هڪ هڪ بيڊ تي ٽي کان 4 ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن وارڊ ۾ بيڊ وڌائي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

  • دادو جي ڪچي ۾ نانگ جي ڪکڻ سبب ٻارڙو فوت

دادو (ڊ ر) دادو ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ اسماعيل جا ڀاڻ ۾ 7 سالن جي جمشيد پٽ سعيد خان چانڊيو کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي دادو سول اسپتال نيو ويو،جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪاروائي بعد نينگر جو لاش وارث اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.