لاهور (ويب ڊيسڪ ن ليگ نائب صدر مريم نواز سيالڪوٽ ۾ جلسي واري هنڌ تي تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته حڪومت جي پهرين ذميواري پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني اقليتن جي حقن جي رکوالي ڪرڻ آهي.
اپنی بے مقصد کی سیاست اور فتنے بازی کہیں اور جا کر کرو۔ اسکے لیے پورے سیالکوٹ میں چرچ کے علاوہ اور کہیں جگہ نہیں ملی ؟ https://t.co/jtxCnHLNty
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) May 14, 2022
هن چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان عيسائي برادري ان ڳالهه تي سراپا احتجاج آهي ته چرچ جي گرائونڊ ۾ جلسو انهن جي عبادتگاهه جي توهين آهي.
سندس چوڻ هو ته جلسو ڪرڻ توهان جو حق آهي، مذهبي جذبن کي ڇيهو رسائڻ نه توهان جو حق آهي ۽ نه توهان کي ان جي اجازت هوندي، پنهنجي بي مقصد سياست ۽ فتني بازي ٻئي هنڌ وڃي ڪيو، ان لاءِ سڄي سيالڪوٽ ۾ چرچر کانسواءِ توهان کي ٻي ڪا جاءِ نه ملي؟