پاڪستان ڄائي جڳ مشهور باڪسر عامر خان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر ۽ اڳوڻي عالمي چيمپيئن عامر خان راند کي الوداع چئي ڇڏيو.

35 ورهين جي باڪسر عامر اقبال خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته دستانا لڙڪائڻ جو وقت اچي ويو آهي، مان پنهنجو پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو ته مون کي هن راند ۾ 27 سالن تي ٻڌل شاندار ڪيريئر حاصل رهيو، جنهن جي هميشه کان خواهش هئي.

هن چيو ته مان 17 سالن جي نوجوان جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ لاءِ اولمپڪ ميڊل کٽيا ۽ ٻه ڀيرا عالمي باڪسنگ چيمپيئن بڻجڻ جو خواب پورو ڪيو، باڪسنگ مون کي بلندي عطا ڪئي ۽ مون کي هڪ پليٽ فارم ڏنو آهي، جنهن کي مان فخر سان ٻين جي مدد ۽ حوصلا افزائي لاءِ استعمال ڪيو آهي.

عامر خان پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي ڪٽنب، دوستن ۽ مداحن کي به مهرباني چئي، جن کيس محبت ڏني ۽ حمايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.