مسڻ وڏي لڳ برف وٺڻ ويندڙ نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، ڪيس داخل

مسڻ وڏي (ن ع آ) مسڻ وڏي لڳ ڳوٺ غلام علي لغاري ۾انتھائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي ڳوٺ غلام علي لغاري جي رهواسي اعجاز علي ولد خان محمد لغاري مسڻ ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي  آهي ته گذريل آچر تي آئون ٻني تان آيس مون پنهنجي 10 سالن جي نياڻي افسار کي منهنجي گهر جي سامهون واري گهر الطاف ولد محمد خان لغاري جي گھر ۾ برف وٺڻ لاءِ موڪليو منهنجي نياڻي افسار برف کڻي اچڻ ۾ دير ڪئي.  ڪجھه دير کان پوءِ الطاف لغاري جي گهران منهنجي نياڻي افسار جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون ته آئون منھنجو ڀاءُ علي محمد ۽ سئوٽ طارق جيڪي ان وقت منهنجي گهر ۾ موجود هئا، اسان ٽنهئي منهنجي گهر جي سامهون الطاف لغاري جي گهر ۾ داخل ٿياسين ڏٺوسين جوابدار الطاف ولد محمد خان لغاري جيڪو پاڻ شادي شده آهي منهنجي نياڻي کي افسار کي زبردستي ڀاڪر ۾ ويهاريو ويٺو آهي ۽ افسار رڙيون ڪري رهي هئي جوابدار الطاف اسان کي ڏسي منهنجي نياڻي مان هٿ ڪڍي ڀت ٽپي فرار ٿي ويو منهنجي نياڻي افسار ٻڌايو ته جوابدار الطاف لغاري چيو ته تون ڪمري ۾ هل تو کي پئسا ڏيان ٿو مون انڪار ڪيو ته ھن مون کي زبردستي ڀاڪرن وجهي کنيو ۽ غلط حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نياڻي جي پيءُ اعجاز علي لغاري ايف آئي آر ۾ اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته اسان  ان واقعي بابت  ڌانھن جوابدار الطاف جي ولد محمد خان ۽ ٻين عزيزن کي ڏني ته انهن اسان کي خاموش رھڻ جون ڌمڪيون ڏنيون اسان ڪجھ ڏينھن بدنامي جي خوف کان چپ رهياسين جنهن بعد عزيزن جي صلاح مشوري کانپوءِ هتي ٿاڻي تي حاضر ٿي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون مسڻ پوليس فريادي اعجاز لغاري جي فرياد تي جوابدار تي الطاف لغاري تي 376,511 پي پي سي تحت ڪيس داخل جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جن سان رابطو ٿي نه سگهيو هن رپورٽ لکڻ تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.