سکر ۾ رينجل ڊائريڪٽر ڪاليجن دورا ڪيا

سکر( رپورٽر) ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر عبيدالله ناريجو ڊگري ڪاليج ڪرونڊي جو اوچتو دورو ڪيو. ان موقعي تي  ڳالھائيندي چيو ته ڪرونڊي ڪاليج سکر ريجن جي آخري ڪاليج آهي نوابشاه جي حدن سان ويجهو. ڪاليج جا اڪثر استاد ڪلاسن ۾ محنت سان پڙهائي رهيا آھن ان موقعي تي پرنسيپل فوج علي پڻ ڪلاس ۾ هيو. ڊائريڪٽر عبيدالله ناريجو ڪلاس ۾ اخلاق ۽ درگزر تي هڪ ليڪچر ڏنو. استاد ۽ شاگردن کي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم سيد خالد حيدر شاه جون تعليم جي بهتري متعلق  ڪيل هدايتن جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو ۽ هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.