¨ 11 مئي 1911ع تي سوامي ڪلا چند لاڏاڻو ڪيو. آسٿان ڪلياڻ مندر تي ٽي ڏينھن ميلو لڳندو هو، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ اهو ميلو لڳڻ بند ٿيو.
¨ 11 مئي 1912ع تي مشھور افسانه نگار، سعادت حسن منٽو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
¨ 11مئي 1927ع تي اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنسز تحت اڪيڊمي ايوارڊ قائم ڪيو.
¨ 11 مئي 1938ع تي مشھور اداڪار مصطفى قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
¨ 11 مئي 1942ع تي عالمي صھيوني ڪانفرنس نيويارڪ ۾ منعقد ٿي.
¨ 11 مئي 1944ع تي سياستدان حيدر علي ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
¨ 11 مئي 1944ع محقق، نقاد، افسانه نگار ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد“ لغاري ڳوٺ تاج پور ضلعي مٽياري ۾ پيدا ٿيو. ”تاجپور جي لغاري خاندان جون علمي خدمتون“ پي ايڇ ڊي جو موضوع هئس.
¨ 11مئي 1953ع تي لاهور جي مارشل لا ڪورٽ مولانا مودودي ۽ عبدالستار نيازي کي موت جي سزا ٻڌائي.
¨ 11 مئي 1973ع تي پاڪستان، چين کي تسليم ڪيو.
¨ 11مئي 1995ع تي نيو يارڪ ۾، 100 ملڪن غير مشروط جوهري عدم پکيڙ واري معاهدي تي دستخط ڪيو.
¨ 11 مئي 1998ع تي هندستان، راجسٿان ۾ ايٽمي تجربو ڪيو، ايٽمي عدم ڦهلاءَ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.