سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي، درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ 60 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

سنڌ درياهه جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي ۽ شارٽ فال 60 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي.

1991 جي پاڻي معاهدي تحت مئي مهيني ۾ ڪوٽڙي بئراج تي 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هجڻ گهرجي پر هن وقت 200 ڪيوسڪ پاڻي به مَس ڇڏيو پيو وڃي، پاڻي جي کوٽ سبب فصل متاثر ٿي رهيا آهن، ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ ڍنڍن مان رڳو پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.

پاڻي کوٽ سبب حيدرآباد، ٺٽي، سجاول ۽ بدين سميت مختلف علائقن ۾ بيٺل فصلن، خاص طور ڪپهه کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ ڪپهه جو فيصل 35 کان 40 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي.

سانگهڙ ۾ 50 کان 60، جڏهن ته پڇڙيءَ جي شاخن ۾ 80 سيڪڙو تائين پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن سبب ڪپهه جي پوکي وڏي پئماني تي متاثر ٿي آهي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي فراهمي يقيني بڻائي فصل تباهه ٿيڻ کان بچايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.