بجلي ۽ پيٽروليم اگهن تي اتحادين سان صلاح مشورا هلن پيا: خرم دستگير

لاهور(م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته پهرين ترجيح واهپيدارن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي. ليسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير خان جو چوڻ هو ته اپريل ۾ اسان جي سامهون بجلي جو بحران هو، هي بحران چئن سالن جي بدانتظامي ۽ عمرانيا عذاب هو، هاڻي اسان بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جتي لائن لاسز گھٽ آهن، اتي لوڊشيڊنگ زيرو آهي، لاهور ۾ لوڊشيڊنگ زيرو آهي، 7 هزار ميگا واٽ جي صلاحيت بند پئي هئي، عمراني حڪومت وقت تي ڊيزل، گيس، ڪوئلو نه خريديو هو، هن وقت گردشي قرض 2400 ارب رپيا آهن. اسان بجلي جا اگهه مستقل رکنداسين، پيٽروليم شين جي قيمتن تي اتحادين سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، بجلي ۽ پيٽرول جي سبسڊي تي اتحادين جي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو. خرم دستگير چيو ته عمران خان جي حڪومت پاران روس کان تيل ۽ گيس خريدڻ جو ڪو معاهدو يا ڪاغذ موجود ناهي، سڀ هوائي ڳالهيون آهن، حقيقت ۾ ڪجهه ناهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.