ڊکڻ لڳ بااثرن ۽ پوليس جي ظلم خلاف عورتن جو ڌرڻو

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ ڳوٺ سانگي واسي عورتن پاڪ کڻي ڊکڻ پوليس ۽ پنهنجي برادري جي ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بس اسٽيڊ وٽ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب رتوديرو شڪارپور روڊ تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ بينظير خاتون، شاهده خاتون، عمران ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته پوليس بااثرن چرچ تي اسان جي 3 ڄڻن  بهادر رند، دريا رند ۽ ٺارو رند کي بي گناھ گرفتار ڪري مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ظلم ڪيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو نوٽيس وٺي اسان انصاف ڪري. هوڏانهن هڪ ڪلاڪ بعد  پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.